17 بدھ , اکتوبر 2018

ايم ايم اي جي قيام سان ڪو به فرق نه پوندو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايم ايم اي جي قيام سان ڪو به فرق نه پوندو، ماضي ۾ پيپلز پارٽي تي ڪو به فرق نه پيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي پي ۾ گورنر، سي ايم هائوس کي لائبريري ۾ تبديل ناهي ڪيو ويو، عمران خان رڳو ڳالهيون ئي ڪندو آهي. صوبائي وزير عامر لياقت جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي حوالي سان چيو ته ڪير به ڪنهن به تنظيم ۾ اچي سگهي ٿو، ان سان اسان کي ڪو به فرق نه پوندو. هن چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪندڙن کي راتون رات هٽايو ويو، نيب جا معاملا سڀني جي سامهون آهن، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان سيڙپ ڪار ڪراچي اچي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے