18 جمعرات , اکتوبر 2018

شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس، بنا وياج واري قرض اسڪيم بابت اڳڀرائي جو جائزو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بنا وياج واري قرض اسڪيم بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جاچ موجب شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ کيس  بريف ڪندي ٻڌايو ويو ته اسڪيم جي تحت هن وقت تائين 9 ارب 70 ڪروڙ رپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويو ۽ ڏنل قرض جي وصولي واري شرح 99 سيڪڙو آهي. ان موقعي تي وزير اعظم خطاب ڪندي چيو ته معاشري جي غريب طبقي جي خدمت حڪومت جي پهرين ترجيح رهي آهي ۽ قرض اسڪيم موجوده حڪومت جي غربت جي خاتمي جي پروگرام جو حصو آهي. هن چيو ته حڪومتي قرض اسڪيم جو دائرو وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي جڏهن ته عالمي سطح تي به اسڪيم کي غربت جي خاتمي لاءِ موثر تسليم ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے