17 پیر , دسمبر 2018

سينيٽ ۾ هارائڻ کان پوءِ……. نواز شريف جو آئيندو..!!

بابر اياز

جڏهن افواهه سچ ثابت ٿين ته پوءِ اهي انتهائي سنجيده خبرون بڻجي ويندا آهن. 2017ع جي سڄي سال اندر اهي افواهه هلندا رهيا ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي سينيٽ ۾ اڪثريت ماڻڻ نه ڏيندي.

اسان 3 مارچ 2018ع تي ٿيل سينيٽ جي چونڊن ۾ ڏٺو ته اسٽيبلشمينٽ جي سياسي انجنيئرنگ ڪامياب رهي ۽ ن ليگ مٿين ايوان ۾ پنهنجي اڪثريت ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

شروع ۾ اسٽيبلشمينٽ بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بغاوت ڪرائي کيس بي اعتمادي واري تحريڪ ذريعي هٽايو ويو، معنيٰ ن ليگ جي ڪمزور ترين ”لنڪ“ تي وار ڪيو ويو. بلوچستان، گذريل ڪيترن سالن کان اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ رهيو آهي. ان ڪاوڙيل صوبي ۾ سياستدان رڳو سندن آشيرواد سان ئي حڪومت ڪري سگهن ٿا. ان جوڙ توڙ ۾ اهم بلوچ قبيلن کي مختلف ڌڙن ۾ ورهائڻ کان پوءِ ان اها پوزيشن ماڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي مضبوطي ۽ ٻڌي جي نالي تي ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته 1948ع کان (جڏهن هن صوبي کي پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو هو) خودمختياري جون سڀ کان گهڻيون تحريڪون هتي هليون آهن ۽ اهي تحريڪون ايتري حد تائين وڌي ويون جو انهن آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آزادي لاءِ هٿياربند جدوجهد ڪمزور ٿي ۽ وڌيڪ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪندڙ بلوچ قومپرست قيادت، خودفريبي ۾ ورتل آزادي پسند انقلابين کان وڌيڪ هن صوبي جي خدمت ڪئي آهي.

چيو ويندو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وڏي وزير خلاف بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جي بغاوت هارس ٽريڊنگ جو نتيجو هئي.ان تي مون کي قاعدي قانون کان وانجهيل بينڪر يونس حبيب ياد اچي ويو، جنهن اسلامي جمهوري اتحاد (آءِ جي آءِ ) جي اڳواڻن ۾ ڌڙا بندي ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي رقم مهيا ڪئي ته جيئن اهو اتحاد بينظير ڀٽو جي پ پ کي هارائي سگهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بدقسمتي سان هن ڀيري يونس حبيب وارو ڪردار بينظير ڀٽو جي ور آصف زرداريءَ ادا ڪيو آهي.

ايئن ٿو لڳي ته زرداري، اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ ٿو چاهي ته هو نواز شريف کان وڌيڪ سندن تابعيدار بڻجي سندس خدمت ڪري سگهي ٿو. سندس ٽريڪ ريڪارڊ ظاهر ڪري ٿو ته جڏهن پرڏيهي ۽ قومي سلامتي جي پاليسي جي محافظن طرفان مٿس دٻاءَ وڌو ويو ته پوءِ هو انهن پرڏيهي پاليسين کان هٽي ويو جيڪي اڳ اختيار ڪيون هيائين. مثال طور پوءِ هو افغان صدر ڪرزئي سان ذاتي رابطا رکڻ واري عمل کان هٽي ويو. آمريڪا ۾ موجود پنهنجي سفير لاءِ اختيار ڪيل موقف تان هٿ کنيائين، جيڪو ڪيري لوگر بل جي حوالي سان هو.

ڪيري لوگر بل تي آصف زرداري پهريون ڀيرو ملٽري اسٽيبلشمينٽ مٿان حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ پٺ تي پير ڪيائين، اساما بن لادن کي هٿ ڪرڻ لاءِ سندس گهر تي ٿيل آمريڪي فوج جي چڙهائي تي آصف زرداريءَ شروع ۾ جيڪو رد عمل ظاهر ڪيو هو تنهن تان پوءِ ڦري ويو.اڳ ۾ چيو هيائين ته اساما کي پڪڙائڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪئي پر جڏهن اسٽيبلشمينٽ قبول ڪيو ته اها انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي جي ناڪامي هئي ته پوءِ هن  ان ناڪامي تي ڪنهن به قسم جي جاچ تي زور نه ڀريو. ڇا هو اصل حڪمرانن جي خدمت ڪري پنهنجن ساٿين ۽ بدعنوان عملدارن کي بچائي سگهندو؟

زرداري صاحب جي ڪيترن نقادن جو خيال آهي ته نيب جي ڪيسن ۾ نواز شريف ۽ ان جي ڌيءُ کي سزا ڏئي سياسي منظر تان هٽائڻ کان پوءِ زرداري کي به نه بخشيو ويندو پر اهي ماڻهو جيڪي زرداري کي چالاڪ سياستدان ڄاڻائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته هو بحراني حالتن کي منهن ڏيڻ جو هنر ڄاڻي ٿو تن جو خيال آهي ته يا اڳڪٿي ڪن ٿا ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ وڏي پيماني تي جيڪا جوڙ توڙ ٿيندي تنهن ۾ هي گڏيل حڪومت ٺاهي سگهي ٿو.

نواز شريف کي جن قانوني معاملن ۾ ڦاسايو ويو آهي تن کي ڏسندي لڳي ٿو ته ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي کيس مريم نواز سان گڏ نيب ريفرنس ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي ويندي. هاڻي اهو احتساب عدالت تي آهي ته اها نيب جي قانون تحت کيس هڪ سال جي سزا ڏئي ٿي يا ڏهن سالن جي. اهڙو فيصلو عارضي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ به اچي سگهي ٿو ته جيئن ان ڏس ۾ موجوده وزيراعظم سندس لاءِ  صدر کي رحم جي سفارش نه ڪري سگهي.

پوليٽيڪل انجنيئرن جو خيال آهي ته جڏهن نواز شريف کي جيل ۾ وڌو ويندو ته شايد ان جي اميدوارن کي پوءِ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ سولو ٿي ويندو پر اڃا تائين اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.

ڪيترائي مشڪرا جيڪي ٽيليويزن تي اچي نواز شريف تي رڳو ان ڪري تنقيد پيا ڪن ته هو جنرل ضيا جي پيداوار آهي ۽ ان ڪري سندس اسٽِيبلشمينٽ مخالف هئڻ تي آڱريون کڄن ٿيون پر ڪافي تجزئي نگار ان ڳالهه کي اهميت نٿا ڏين ڇاڪاڻ ته هر ڪو سياستدان ۽ پارٽي تبديل ٿيندا رهيا آهن. حالتون ۽ ذاتي تجربا انهن کي تبديل ڪندا آهن، ماڻهو ته اهو به وساري ويٺا آهن ته نواز شريف کي به چار ڀيرا اقتدار تان هٽايو ويو آهي ۽سندن تذليل ڪئي وئي آهي. نواز شريف هاڻي دعويٰ ڪري ٿو ته هو نظرياتي بڻجي چڪو آهي ۽ ايندڙ چونڊ ”عوام جي ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري تي وڙهندو ته اسان ايئن ٿا سمجهون ته هاڻي هو چونڊيل حڪومت جي بالادستي لاءِ اليڪشن وڙهندو پر ووٽرن لاءِ رڳو ان نعري ۾ ڪا ڪشش نه هوندي ڇو ته اهي معاشي بهتري لاءِ وڌيڪ پريشان آهن.ووٽرن کي اهو ٻڌائن گهرجي ته حڪومت ترقي آندي آهي ۽ اميد آهي ته شهباز شريف هاڻي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو.

جيتوڻيڪ پاڪستان جي قرضن جي واڌ ايندڙ حڪومت لاءِ چيلينج هوندي پر في الحال نواز شريف وٽ مجموعي پيداوار ۾ 6 سيڪڙو جي واڌ سان مليل بجلي جهڙيون ڪاميابيون ڪافي آهن. نواز شريف جيل ۾ هجي يا ٻاهر اهي ڪاميابيون ووٽرن کي مسلم ليگ (ن) ڏانهن ڇڪي سگهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے