16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز : ڊگهڙي:ڪولهي برادري جي ماڻهن جو بااثرن جي زيادتي خلاف احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

ڊگهڙي  ڀرسان ڪولهي برادري جي ماڻهن  با اثرن جي زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ جلال ابڙينگ جي رهواسين ڪولهي برادري جي ماڻهن ڌارشي ڪولهي، ارجڻ ، رتنو ڪولهي، ويرسن  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ڊگهڙي – ميرپورخاص روڊ  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ڪولهي برادري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ عبدالباري ۽ عبدالهادي ابڙينگ بنا ڪنهن جواز  هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته  با اثر  هٿيارن جي زور تي گهرن ۾ داخل ٿي اسانکي گهر خالي ڪرڻ ۽ پوکيل فصل تان هٿ کڻڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏئي پيو.

ھنن آءِ  جي سنڌ اي ڊي خواجھ، ايسي ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو تھ  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  بااثر وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:پکو: سيارو اچڻ بعد مڇي جو واهپو وڌي ويو

* اتر جو واءُ لڳڻ ۽ سياري جي ٿڌ شروع ٿيڻ شرط ئي پکي شھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے