17 بدھ , اکتوبر 2018

حسين حقاني جي خلاف ملڪي سالميت کي نقصان رسائڻ  جو ڪيس داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي خلاف ملڪي سالميت کي نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي خلاف ايم اي جناح روڊ ڀرسان پريڊي ٿاڻي ۾ مولوي اقبال حيدر ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سائوٿ سرفراز موجب ڪيس ۾ حسين حقاني تي ٽي وي شو تي ويهي پاڪستان جي سالميت جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ جو الزام آهي. هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به سپريم ڪورٽ ميمو گيٽ ڪيس ۾ حسين حقاني جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: PPP won at almost every constituency of Sindh

عوام حڪومت جو حساب ڪتاب شروع ڪري ڇڏيو آهي: حمزا شهباز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته عوامي عدالت تحريڪ انصاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے