15 جمعرات , نومبر 2018

ڀارت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڳئن جي ”شدت پسند محافظن“ کي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عدالت اهڙن 11 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جن گذريل سال هڪ گوشت جي واپاري کي ڳئون جو گوشت کپائڻ تي قتل ڪري ڇڏيو هو. ڀارت جي رياست جهار کنڊ ۾ گذريل سال ڳئون کي تحفظ فراهم ڪندڙ هڪ شدت پسند گروهه 55 ورهين جي گوشت جي واپاري عليم الدين انصاري تي حملو ڪيو هو، کيس ايترو ماريو ويو جو هو پنهنجي حياتي بچائي نه سگهيو. اربع ڏينهن ڀارتي عدالت ان ڏوهه ۾ ملوث 11 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. اهو ڀارت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته هندو مذهب ۾ مقدس تصوير ڪئي ويندڙ ”ڳئون“ کي تحفظ فراهم ڪندڙ شدت پسند هندن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. مقامي پوليس جي سربراهه راجيش ڪمار جو چوڻ هو ته اسان گذريل 8 مهينن کان جاچ دوران انهن ماڻهن خلاف هڪ مضبوط ڪيس ٺاهيو هو، جنهن جي بنياد تي انهن کي سزا ٻڌائي وئي آهي. هوڏانهن عليم الدين انصاري جي پٽ شعبان جو چوڻ هو ته اهڙي عدالتي فيصلي سان اسان خوش ٿيا آهيون پر حڪومت طرفان ڪا مدد نه ملڻ تي پريشان آهيون. انگن اکرن موجب 2010ع کان 2017ع تائين ڳئن جي معاملي تي 60 کان وڌيڪ تشدد جا واقعا رپورٽ ڪيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے