16 جمعہ , نومبر 2018

ڪوشش هوندي ته نگران سيٽ اپ لاءِ اهڙو نالو سامهون آڻيون جيڪو سڀني کي قبول هجي: خورشيد شاهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪوشش هوندي ته نگران سيٽ اپ لاءِ اهڙو نالو سامهون آڻيون جيڪو سڀني کي قبول هجي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ميان صاحب کي آڇ ڪئي هئي ته پارليامينٽ ۾ پاناما بل پاس ڪيون ٿا، کيس سمجهايو هو ته پنهنجي ڏاڙهي ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ نه ڏيو. شيخ رشيد طرفان جوڊيشل مارشل لا جي مطالبي جي حوالي سان خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته شيخ رشيد جوڊيشل مارشل لا جي ڳالهه ڪري چالاڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان نٿو سمجهان ته جوڊيشل مارشل لا واري ڳالهه ۾ صداقت آهي. چوڌري نثار جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته چوڌري نثار ۽ مسلم ليگ ن ۾ سخت مقابلو آهي،. نثار جي ڪوشش آهي ته کيس مسلم ليگ مان ڪڍيو وڃي جڏهن ته ن ليگ چاهي ٿي نثار پاڻ کي ڇڏي وڃي. نگران سيٽ اپ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته نگران سيٽ اپ جي لاءِ ڪنهن پارٽي سان ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته نگران سيٽ اپ آڻڻ ايوان جي سربراهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جو ڪم آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف طرفان نگران سيٽ اپ کي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪو به فرق نه پوندو پر اخلاقي طور تي شاهه محمود قريشي ۽ شفقت محمود سان ڳالهه ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته نگران سيٽ اپ لاءِ اهڙو نالو ڏيان جيڪو سڀني کي قبول هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے