22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز : حيدرآباد: مختلف  ڳوٺن  جي رهواسين جو  قبضا مافيا جي زيادتين خلاف احتجاج

*حيدرآباد  ۾   تعلقي لطيف آباد جي مختلف  ڳوٺن  جي رهواسين پاران قبضا مافيا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ جمع خان ڇٽو, حاجي خان لغاري، نائيچاڻي،  مياڻ،  الله بخش بروهي،  يوسف پنهور سميت ٻين  ڳوٺن جي رهواسين احتجاج ڪيو .

 ڳوٺاڻن عبدالغفور بروهي، غلام قادر لغاري، هاشم ملاح اشرف نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بااثر مظھر مرزا ۽ سندس ساٿي ڳوٺن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ کين ڳوٺ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .

 هنن چيو ته سندن زرعي زمينن جو پاڻي بند ڪري کين ڪنگال ڪيو پيو وڃي سندن فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:سيتا روڊ: جشن عيد ميلاد النبي ملهايو ويو

*سيتاروڊ جي ميمڻ محلا اسڪول ۾ جشن آمد رسول جي خوشي جي سلسلي ۾ روحاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے