17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز : سکر: پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران عدالت کي تحفظ جي اپيل

*سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ ٻاهران پسند جو پرڻو ڪندڙ پنجاب واسي ناري ۽ سکر واسي نوجوان عدالت کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي .

مظفر گڙھ  جي رهواسي ناري سسئي ۽ سکر واسي  نوجوان جميل احمد جسڪاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته 13 مارچ تي هنن خيرپور جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو .

نوجوان جميل جسڪاڻي  ٻڌايو ته ناري جي مائٽن پنجاب جي پوليس ۽ سکر جي جھانگڙو ٿاڻي جي پوليس ساڻ ڪري گھر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ۽ ڦرلٽ ڪئي.

 نوجوان جميل جسڪاڻي ٻڌايو ته ناري جو والد فداحسين، خادم، خالد  ۽  ٻيا موتمار ڌمڪيون ڏئي  رھيا آھن.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غلام نبي شاھ: جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن  جو پاڻي نه پهچڻ خلاف مظاهرو

غلام نبي شاھ ۾ جمعا ۽ سگا شاخ جي پڇڙي جي  آبادگارن ٽن مھينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے