15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز :ميرپورخاص: مين پڙي رکڻ جي الزام ۾نوجوان تي بدترين تشدد، نوجوان بيهوش

ميرپورخاص پوليس مين پڙي رکڻ جي الزام ۾نوجوان تي بدترين تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ڇڏيو آهي.

اي ايس پي جي ٽيم جي اهلڪارن پير ڪالوني جي رهواسي محسن خالد ولد عبدالرسول کي مين پڙي رکڻ جي الزام ۾گرفتار ڪري 24 ڪلاڪ حراست ۾رکيو.

پوليس نوجوان تي سخت تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

تشدد جو شڪار نوجوان جي ڀاءُ صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان کي ڪالهه رات ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو شادي ۾ويل هئا.

هن ٻڌايو ته پوليس نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مين پڙي رکڻ جي ڪيس ۾چالان ڪري ڇڏيو آهي.

هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف اي ايس پي حسن جاويد ڀٽي صحافين کي موقف ڏيندي چيو ته نوجوان منشيات فروش آهي، جڏهن ته پوليس مٿس تشدد ناهي ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے