13 منگل , نومبر 2018

نيوز : ميرپورخاص: پوليس  جو صحافي تي بدترين تشدد،آءِ جي جو نوٽيس،  ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب

ميرپورخاص ۾پوليس صحافي تي بدترين تشدد ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سيٽ لائيٽ ٿاڻي جي پوليس خانگي ٽي وي جي ڪئميرامين هارون پنهور کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

صحافين واقعي جي مذمت ڪندي وڏي وزير سميت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هوڏانهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پوليس گردي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ميرپور خاص جي ڊي آءِ جي کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: صحافين جي احتجاجي ڪيمپ ۾ سي پي اين اي جي وفد جي شرڪت

رپورٽ: صحافين جي احتجاجي ڪيمپ ۾ سي پي اين اي جي وفد جي شرڪت

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے