20 ہفتہ , اپریل 2019

نيوز : گلاب لغاري: ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت جاڳرتا ريلي

گلاب لغاري ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي مينيجر نياز چني، شجاعت رضا، ڊاڪٽر امر ڪمار ۽ محبوب خان سميت ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسپتال کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسپتال ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت سان الٽراسائونڊ کان ويندي ڊليوري جي سهولت ميسر ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته ٽي بي جي مڪمل علاج کانسواءِ ڇتي ڪتي جي ويڪسين پڻ موجود آهي، ڪجھه ڏينهن اندر ايمبولينس جي سهولت پڻ ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪورنگي: منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي: ايس ايڇ او

ڪورنگي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران چڪرا ڳوٺ ۾ هلندڙ منشيات جا اڏا ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے