16 جمعہ , نومبر 2018

رپورٽ | شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 هين ورسي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾پ پ جو جلسو

پ پ جي باني چيئرمين ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا ڪئي وئي.

سموري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيپلز پارٽي جي جيالن پهچي پنهنجي قائد سان محبت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري چيو ته  اڄ ملڪ ۾آئين ۽ ائٽم بم آهي ته اهو شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪارنامو آهي.

هن چيو ته انتهاپسندي صرف ملٽري آپريشن سان ختم نه ٿيندي پر نصاب تبديل ڪري منصوبابندي ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته جنرل ضيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد هزارين جيالن کي ملڪ بدر ڪيو ۽ هزارين ماڻهن کي ڪوڙا هنيا، اديبن ۽ ليکڪن کي چونڊي چونڊي قيد ڪرايو ويو.

بلاول ڀٽو زرادري جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي منزل ملڪيت ٺاهڻ آهي، هاڻ توهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان کي ڀٽو وارو پاڪستان کپي يا نه؟

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان کي ذوالفقار ڀٽو وارو پاڪستان کپي ته سندس هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا.

جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارين ۽ مزدورن کي حق ڏياريا ۽ عوام کي ووٽ جو حق ڏنو.

هن چيو ته پنجاب ۾نواز شريف جلسيون پيو ڪري، هو سياڻي ڪانو جيان ٻٽنگون ڦاٿو آهي.

سندس چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين شپ نه پر جمهوريت وڏي ڳالهه آهي، رضا رباني پڪو جيالو  آهي جيڪو هميشه اسان سان گڏ رهندو.

آصف زرادري جو چوڻ هو ته ميان صاحب اهو اوهان جو مينڊيٽ نه پر آر او اليڪشن هئي.

جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عوام جو سهارو بڻجن جو سبق ڏنو.

هن چيو ته هو غريب عوام جو ساٿ ڏيندا رهندا، سياست ڪرڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي.

جلسي کي نثار کهڙو، قمرالزمان ڪائرا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے