16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز: بدين: ٽائون چيئرمين جي زيادتين خلاف رهواسين جو احتجاج

*بدين ڀرسان  ٽائون چيئرمين جي زيادتين خلاف رهواسين جو  احتجاج، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان انصاف جو مطالبو

بدين ڀرسان  ٽائون چيئرمين جي زيادتين خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عبدالوھاب لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  کوسڪي شھر وارڊ نمبر 2جي رھواسين  پريس ڪلب بدين آڏو ٽائون چيئرمين جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي عبدالوھاب لنڊ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ٽائون چئرمين بلاول چيمه ووٽ  نه ڏيڻ تي ظلم جي حد ڪري ڇڏي آھي منھنجي ڀاءُ عبدالخالق لنڊ تي13 ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيو  آهي.

ھن چيو ته بلاول چيمه سنڌي دشمن آھي جتي به سنڌي وسنديون آھن انھن پلاٽن جي غير قانوني  داخلائون رکي کوسڪي شھر مان سنڌي ماڻھن کي بيدخل ڪرڻ جون سازشون ڪري رھيو آھي.

هنن پ پ  جي چيئرمين بلاول  ڀٽو زرداري  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين جي ظلمن جو  نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے