17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: کپرو: سنڌ ۾ پوليس زرداري جي هشيءَ تي مسڪين ماڻهن تي ظلم ڪري رهي آهي:عمران خان

*پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليس زرداري جي هشيءَ تي مسڪين ماڻهن تي ظلم ڪري رهي آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

کپر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ ۾ پوليس زرداري جي چوڻ تي غريبن تي ظلم ڪري ٿي.

عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسان پوليس جي نظام کي بهتر بڻايو آهي جنهن جي ڪري امن آهي.

 هن چيو ته ، زرداري جي چوڻ تي غريب ماڻهن تي ظلم ڪيو ٿو وڃي هن چيو ڪي پي ڪي ۾ اڄ پرائيوٽ اسڪولن مان ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ اچي رهيا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ غريب جي لاءِ تعليم مهانگي بڻيل آهي.

هن چيو ته پ پ ٽيهه سالن کان اقتدار ۾ اچي رهي آهي، زرداري مافيه کي شڪست ڏيئي ڏيکاريندس،

 عمران خان چيو ته  پاڪستان جي عوام جا اربين ڊالر نوازشريف ۽آصف  زرداري چوري ڪري ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے