16 اتوار , دسمبر 2018

قندوز ۾ ديني مدرسي تي بمباري خلاف ڪراچي ۾ معصوم ٻارن جو انوکو احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر قندوز ۾ ديني مدرسي تي افغان فورسز جي بمباري سان معصوم حافظن جي شهادت جي خلاف ڪراچي ۾ ديني مدرسن جي حافظن شاهراهه فيصل تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري انوکو احتجاج ڪيو. اهل سنت والجماعت ۽ ٻين ديني تنظيمن جي بندوبست هيٺ مختلف ديني مدرسن جي ننڍڙن شاگردن اڄ منجهند اوچتو شاهراهه فيصل تي ڪارساز ڀرسان پهچي عوامي مرڪز کان ڪارساز تائين فٽ پاٿ تي رهلون رکي طويل قطار ۾ ويهي قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪئي. ڪجهه شاگردن پنهنجي پيشاني تي ڳاڙهيون پٽي ٻڌي رکيون هيون. ديني مدرسي عثمان بن عفان جي شاگردن شهيدن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا. ڪجهه شاگرد پلي ڪارڊن سان گڏوگڏ پاڪستاني جهنڊا به کڻي رکيا هئا جن تي آمريڪا ۽ افغانستان فورسز جي خلاف نعرا لکيل هئا، شاگردن جي قرات سان گڏ تلاوت سبب شاهراهه جو ماحول تبديل ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے