21 بدھ , نومبر 2018

يونيورسٽي روڊ تي مٺي پاڻي جي پائپ لائن ڦاٽي پئي، انتظاميا اگهور ننڊ ۾ ستل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلشن اقبال وٽ يونيورسٽي روڊ تي گذريل رات مٺي پاڻي جي پائپ لائن ڦاٽڻ سبب هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو آهي جڏهن تي مسافر توڙي علائقي واسي سخت تڪليف برداشت ڪري رهيا آهن. اردو يونيورسٽي ويجهو يونيورسٽي روڊ تي مٺي پاڻي جي پائپ لائن اچتو ڦاٽي پئي جنهن بعد هزارين گيلن پاڻي روڊ تي ويهي ضايع ٿي ويو. روڊ پاڻي هيٺ هئڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيو آهن جڏهن ته پنڌ شهري پڻ سخت پرِيشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. يونيورسٽي روڊ لڳ علائقي ۾ به پاڻي داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي جڏهن ڪيترن ئي شهرين اهڙي موقعي کي غنيمت سمجهندي روڊ کي واشنگ لين ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ موٽرسائڪلون، رڪشا ۽ گاڏيون ڌوئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهن. هوڏانهن ڪراچي اينڊ سيوريج بورڊ طرفان مٺي پاڻي جي پائپ لائن ڦاٽڻ تي ڪو به ايڪشن ناهي ورتو جڏهن ته پائپ لائن ڦاٽڻ کي 8 ڪلاڪن کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پائپ لائن جو مرمتي ڪم شروع ناهي ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت 100 ڏينهن ۾ ئي عوام کي چيڀاٽڻ شروع ڪري ڇڏيو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے