21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سوڀوديرو: ڀٽي ۽ لڪ برادري  ۾ جهيڙو، هڪ  ڄڻو قتل ،  عورت سميت 5 ڄڻا زخمي

*سوڀوديرو ويجهو ڀٽي برادري ۽ لڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو،  هڪ  ڄڻو قتل ،  عورت سميت ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ، اسپتال منتقل……….

سوڀوديرو ويجهو ڀٽي برادري ۽ لڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي سبب هڪ  ڄڻو قتل ٿي ويو، جڏهن تھ عورت سميت ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 ڪچي جي علائقي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي حد ۾ لڪ برادري ۽ ڀٽي برادري ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب  25 ورهين جو   سجاد لڪ مارجي ويو، جڏهن تھ مسمات ستڻ  ۽ مريد لڪ سخت زخمي ٿي پيا .

ڀٽي برادري جا پڻ غلام حسين ڀٽي ، حيدر ڀٽي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي آھن،  جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 اطلاع تي ڊي ايس پي سوڀوديرو عبدالستار اڄڻ،  ايس ايڇ او ڪيٽي ڪنوري يوسف بوزدار واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول سجاد لڪ ۽ ٻنھي ڌرين جي زخمين کي سوڀوديرو اسپتال پھچايو.

ان موقعي تي  مقتول سجاد لڪ جي ڀاءُ ھادي بخش لڪ ٻڌايو ته ڪيٽي ڪنوري پوليس ۽ بااثر نظير جمالي يوسي سڳيون جو چيئرمين ماڻهو مارايا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : اسلام آباد: پي ايس ايل چوٿين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ تقريب

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب اسلام آباد ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے