20 منگل , نومبر 2018

پروگرام ٽيون رخ | پاڪستان: اسامه کان مُلا منصور جي موت تائين

نادرا ملڪ دشمنن کي ڪارڊ جاري پئي ڪري : دانشور / صحافي
ملا منصور جو مارجڻ پاڪستان جي فائدي ۾ آهي: منظور چانڊيو
سنڌ جو دهشت گردي سان واسطو ناهي: ڪامريڊ امر لعل

ڪراچي ( رپورٽر) طالبان اڳواڻ ملا منصور کان پوءِ پاڪ افغان امن ڳالهين جي عمل کي پٺڀرائي ملندي.موجوده صورتحال ۾ پاڪستان کي دهشتگردي خلاف عالمي دنيا اڳيان چٽو موقف رکڻو پوندو.موجوده عالمي صورتحال ۾ سنڌ انتهاپسندي ۽ دهشگردي کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي.نادرا جو ملا منصور جهڙن ملڪ دشمن ماڻهن ۽ دهشتگردن کي ڪارڊ جاري ڪرڻ حيرت ڪندڙ ڳالهه آهي.سنڌي سماج جو ڪيس لطيف جي پيغام سان وڙهي سگهجي ٿو.اهڙو اظهار دانشور ۽ ڪامريڊ امر لعل ۽ سينيئر صحافي منظور چانڊئي عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ ڪيو. ڪامريڊ امر لعل چيو ته طالبان اڳواڻ ملا منصور جي مارجڻ سان پاڪ افغان امن ڳالهين جي عمل کي پٺڀرائي ملندي جيڪا ڳالهه پاڪستان جي فائدي ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته ملا منصوراختر امن ڳالهين جي خلاف هو.پاڪستان جو آمريڪا سان احتجاج هڪ رواجي احتجاج آهي آمريڪا شروع کان وٺي حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو چوندو رهيو آهي،پر پاڪستاني ادارا ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ويا.موجوده صورتحال ۾ پاڪستان کي دهشتگردي خلاف عالمي دنيا اڳيان اهو واضع موقف رکڻ جي ضرورت آهي.موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي تمام گهڻي اهميت آهي،سنڌ جو تصوف ڏانهن لاڙو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ جو دهشگردن سان پري تائين ڪو واسطو ناهي.سنڌ جو ملڪي معشيت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي.سنڌ جون سياسي ۽ غير سياسي تنظيمون عالمي دنيا سان مسلسل رابطن ۾ آهن.سنڌ ۾ موجود اين جي اوز ۽ مختلف ايسوسيئيشن مختلف فورمن تان سنڌ جي مسئلن تي نمائندگي ڪري رهيون آهن.گذريل چار سئو سالن کان پوءِ سنڌ پهريون ڀيرو فرنٽ لائن تي بيٺل آهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن هر محاذ تي انتهاپسند قوتن لاءِ چيلينج ثابت ٿيو آهي، جڏهن ته پنجاب پوئتي آهي.موجوده عالمي صورتحال ۾ سنڌ انتهاپسندي ۽ دهشگردي کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿي. سينيئر صحافي منظور چانڊيو چيو ته پاڪستاني ڳجهن ادارن جي اها روايت رهي آهي ته هو دهشگردي ۾ ملوث واقعن کان بي خبر هوندا آهن.نادرا ملڪ دشمن ماڻهن ۽ دهشتگردن کي ڪارڊ جاري ڪرڻ حيرت ڪندڙ ڳالهه آهي.ملڪ جي هڪ ذميوار اداري جي حيثيت ۾ ملان منصور جو پاڪساني ڪارڊ ملڻ سيڪيورٽي ادارن لاءِ سواليه نشان آهي.ملان منصور هڪ غير ملڪي افغان طالبان جي مارجڻ جي خلاف پاڪستاني ادارن جو احتجاج سمجهه کان ٻاهر آهي جڏهن ته ملا منصور جو مارجڻ پاڪستان جي فائدي ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جو سماج انتهاپسندي ۽ دهشگردي کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو.سنڌي ماڻهو شروع کان وٺي امن پسند رهيا آهن.سنڌي سماج جو ڪيس لطيف جي پيغام سان وڙهي سگهجي ٿو.0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے