15 ہفتہ , دسمبر 2018

ٽنهي خانن تي بالي ووڊ جا 600 ڪروڙ رپيا داءٌ تي لڳل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ تي راج ڪرڻ واري ٽنهي خانن، سلمان خان، شاهه رخ خان  ۽ عامر خان تي هر سال ڪروڙين رپيا جي سرمايه ڪاري ڪئي ويندي آهي ۽ هلندڙ سال به ٽنهي خانن تي ڀارتي فلم اندسٽري اربين رپيا جي رقم لڳائي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب فلمن جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهڻ وارا بالي ووڊ جا ٽئي خان سلمان، شاهه رخ ۽ عامر خان تي ڀارتي فلم انڊسٽري  ۾ هر سال اربين رپيا لڳايا ويندا آهن ۽ ايترو ئي نه هن رقم ۾ هر سال اضافو ٿيندو ويندو آهي ڇو ته ڀارت کان سواءِ  پوري دنيا ۾ مداحن بالي ووڊ جي ڪنهن ٻئي اداڪار جي مقابلي ۾ ٽنهي خانن جون فلمون ڏسڻ پسند ڪندا آهن، هن سال به ٽنهي خانن تي تقريبن 600 ڪروڙ جي سرمايا ڪاري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سلمان خان جي فلمن تي باقي ٻنهي خانن کان وڌيڪ 230 ڪروڙ جي رقم لڳائي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سلمان خان جيل وڃڻ جي صورت ۾ ڀارتي فلمسازن ۽ پروڊيوسرن کي پنهنجا پئسا ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو هو جئين ته دبنگ خان جي ضمانت جي سبب انهن  جي جان  ۾ ساهه پيو.سلمان خان جي هلندڙ سال 2 فلمن ”ريس 3 ۽ ”دبنگ 3“ ريليز ٿينديون. ٻنهي فلمن جي  بجٽ ڪروڙن ۾ آهي جڏهن ته ريليز کان  پهرين ڏينهن  فلمن جي سپر هٽ ٿيڻ جي پيشجا افواهه پکڙجي رهيا آهن. بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان” ٺهگ آف هندوستان“ سان گڏ هلندڙ سال ميدان ۾ ايندو، فلمن جي بجٽ 210 ڪروڙ رپيا آهي جنهن سان گڏ هي فلم هلندڙ سال جي ٻي مهانگي ترين فلم قرار ڏئي پئي وڃي. بالي ووڊ ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان ڏکائين جو شڪار بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان به هن سال فلم” زيرو“ جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ايڪشن ۾ نظر ايندو 150 ڪروڙ جي بجٽ سان تيار ڪيل فلم ۾ شاهه رخ خان کان سواءِ اداڪار ڪترينا ڪيف  ۽ انوشڪا شرما مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر اينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خان جو مقابلو خان سان: سلمان ۽ فواد بهترين قرار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) عيدالفطر تي پاڪستاني سئنما ۾ سلمان خان جي فلم ڀارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے