16 اتوار , دسمبر 2018

واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا جو تحفظ پهرين ترجيح آهي: مارڪ زڪربرگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بُڪ جي باني مارڪ زڪربرگ گذريل ڏينهن ٻيو ڀيرو آمريڪي ڪانگريس اڳيان پيش ٿيو. ان موقعي تي هن واهپيدارن جي ڊيٽا جي تحفظ کي پهرين ترجيح قرار ڏنو. 33 ورهين جي زڪربرگ عالمي سطح تي انٽرنيٽ جي اهميت ۽ آن لائن نيٽ ورڪس لاءِ اثرائتن ضابطن کي اڻٽر قرار ڏنو. ڪانگريس جي هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ڪيمبرج اٽاليٽيڪا منهنجي ذاتي ڊيٽا کي به استعمال ڪيو آهي. واضح رهي ته مارڪ زڪربرگ فيس بُڪ واهپيدارن جي ڊيٽا کي غير قانوني طور استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ٿيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ هوائي حملا، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي اروزگان ۾ افغان هوائي فوج جي بمباري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے