15 جمعرات , نومبر 2018

ڊرائيور کان ماڻهو ڳڻيندي ٻه ڄڻا کُٽي پيا!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

7-جولاءِ 2011ع تي ادا صغير اسان لاءِ سان فرانسسڪو کان لاس اينجلس بس جي بوڪنگ ڪرائي هئي هئو. هن اُتي ڀاءُ مالڪ ڏنو شيخ کي پڻ اسان کي Receive  ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هئو، بس“ ’سين هوزي‘ بس اسٽينڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽان منجهند جو  1:00 بجي ملڻي هئي.

اسين ڀاءُ عبدالرحمان ڪاڪيپوٽو سان پنهنجو سامان کڻي 12:30 بجي سندس ’فريمونٽ‘ واري گهر مان نڪتاسين ۽ صرف ويهه منٽن ۾  اُتي پهچي به وياسين. پر ‘CA Shuttle’  بس ويهه منٽ ليٽ ٿيندي 1:20 بجي آئي. جيڪڏهن ڀاءُ رحمان اسان سان گڏ نه هجي ها ته شايد اسين پريشان ٿي وڃون ها، ته ڪٿي اها بس نڪري ته ڪونه  ويئي! بس ڪمپنيءَ جو هڪ ڪلارڪ مسافرن جون ٽڪيٽون چيڪ  ڪندي مٿي بس ۾ چاڙهيندو ويو. ڪجهه مسافر ان مهل به روڪ پيسا ڏيئي ٽڪيٽ ڪڍائي رهيا هئا. بعد ۾ ڪلرڪ پنهنجي آفيس ڏانهن هليو ويو. پوءِ خبر پيئي ته اُها بس ئي خراب هئي. ڊرائيور صرف هڪ گول چڪر ڪاٽي واپس اُتي ئي آڻي بس بيهاري ڇڏي! بهرحال 3:15 بجي هڪ ٻين بس آئي، جيڪا اسان تمام مسافرن کي کڻي سوا ٻه ڪلاڪ ليٽ ٿيندي لاس اينجلس لاءِ نڪتي!

بس، سين هوزي کان ٻاهر نڪرندي هڪ ميٽر گيج ريلوي ٽريڪ سان گڏ هلندي رهي ۽ ڪلاڪ کن جي ڊرائيور کان پوءِ ان کي مٿان ڪراس ڪندي  پنهنجو الڳ رستو ورتو. اسين ‘101 South Los Angeles’  روٽ تي هلندا پئي وياسين. چار-چار وهيڪلس واري ايڪسپريس-وي تي بس ائين ته موج سان هلي رهي هئي ڄڻ رن- وي تي ڊوڙي رهي هجي. آءٌ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيس، تڏهن به ڪا تڪليف ڪانه پئي ٿي.

5:10 بجي شام جو اسين ڪنهن مڊ-وي ريسٽارنٽ تي وڃي بيٺاسين؛ جتي اڳواٽ ئي هڪ ٻين ‘C A Shuttle’ بس  بيٺل هئي. اسين ريسٽارنٽ مان کاڌو کائي ٻاهر آياسين. ٻڌايو ويو ته هڪ دفعو ٻيهر اسان کي بس بدلائي اُن ٻين شٽل بس ۾ چڙهڻو  آهي.

هنن اسان جو تمام بئگيج اڳواٽ ئي ان پهرين بس مان شفٽ ڪري ڇڏيو هئو. بس ڇٽڻ جو ٽائيم آيو، ته ڊرائيور کان ماڻهو ڳڻيندي ٻه ڄڻا کُٽي پيا. هوُ جلدي جلدي سان فرانسسڪو کان آيل بس ڏانهن ڊوڙيو ته ٻيئي همراه سچ پچ پنهنجي اڳلي بس ۾ ئي ويٺا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان بس ۾ ويچارا بجاءِ لاس اينجلس جي واپس فرانسسڪو پهچي وڃن ها!

ٻاهر نڪتاسين ته بس پنهنجي تيز رفتاريءَ سان لاس ايجنلس ڏانهن ڊوڙندي رهي. هڪ پهاڙي سلسلو هئو. ڪيترا ڀيرا ته روڊ هڪدم اوچائيءَ تي مٿي پئي چڙهيو يا ماڳهين ئي ڄڻ کاهيءَ جيان هيٺ پئي لٿو. لاهي ايڏي ته اُڀي هئي، جو بار بار وهيڪلس لاءِ چتاءُ ڏنل هئو ته ‘آهسته هلندڙ سوارين جو خيال رکيو وڃي!“ مجموعي طور اها پوري ايراضي ايڏو ته خوبصورت پهاڙين ۽ سبزه زاريءَ سان ڍڪيل هئي؛ جو ڏاڍو لطف پئي آيو.

’پائرامڊ‘ کان پوءِ لاس اينجلس شهر جي پسگردائي شروع ٿي ويئي. سين برنارڊنو ۽ پوءِ ڪلگروو بوليورڊ جون جڳمڳ ڪندڙ لائيٽس نظر اچڻ لڳيون. هاڻ ته اسين ’نارٿ هاليووڊ‘  جي ايريا ۾ هئاسين، جتي لاس اينجلس جو پهريون اسٽاپ اچڻو هئو ۽ اسان کي به اُتي ئي لهڻو هئو.

رات جا 9:05 بجه ٿيا هئا، جو بس اسٽاپ تي اچي بيٺي. ڊرائيور، اسپيڪر تي اسٽاپ جو نالو ٻڌايو. اسين ته اڳواٽ ئي ڌيان ڏيو ويٺا هئاسين. هوڏانهن ڀاءُ مالڪڏنو شيخ ڪيتري وقت کان اڳ ئي اتي اسان جو انتظار پئي ڪيو. اسين جيئن ئي بس مان هيٺ لٿاسين ته هوُ اچي ڀاڪُر پائي مليو ۽ ادا پريم جو بئگيج پاڻ ئي گهليندي اچي پنهنجي ڪار ۾ رکيائين.

ڀاءُ مالڪ ڏنو شيخ اسان کي ان مهل کان ئي گهمائڻ شروع ڪيو ۽ سڌو ئي هاليووڊ جي مشهور معروف آڊيٽوريم ’ڪوڊڪ ٿئيٽر‘ ۾ وٺي آيو؛ جتي ئي هر سال ’آسڪر فلم اوارڊس‘ جي تقريب منعقد  ڪيئي ويندي آهي.

ادا مالڪ ڏنو ’ڪوڊڪ ٿئيٽر‘  ۾ ڪار پارڪ ڪندي اندران ئي اندران لفٽ ۾ چوٿين ماڙ تي ويٺ آيو، جتي ڪنهن مال نما هڪ شاهي بازار لڳايل هئي. بازار جي ڀر ۾ هڪ اوپن ٽيرس هئي. اتان جو هيٺ نهار ته انيڪ ڦوهارا ۽ روشنين جو جهرمٽ ماحول کي بيحد خوبصورت بڻائي رهيو هئو. اُتي ئي هڪ ريسٽارنٽ ۾ ٿوري دير ويهندي اسين رات جي ماني به کائي ورتي.

هيٺ آياسين ته ’ڪوڊڪ ٿئيٽر‘ جي ڀر ۾ لاس اينجلس جو ’ميڊم ٽساڊ ميوزيم‘ پڻ واقع هئو. روڊ تي ڏاڍي گهماگهمي لڳل هئي. اسين به ٿوري دير بازار جو چڪر لڳائي گاڏي کڻي سڌو ئي هاليووڊ جي ايريا ’ووڊ لينڊ هلس‘ وٽ آڪسفورڊ اسٽريٽ واري ’هوٽل وارنر ميرئٽ‘ ۾ آياسين، جتي ادا مالڪڏني اڳواٽ ئي اسان جي رهڻ جو بندوست ڪرائي ڇڏيو هئو. ’وارنر ميرئٽ‘ نالي مان ئي ظاهر هئو ته هاليووڊ جي مشهور پراڊڪشن ’وارنر برادرس‘ طرفان اها هوٽل هلندڙ هئي.

ادا مالڪڏنو ’هوٽل وارنر ميرئٽ‘ جي رسيپشن تان اسان ٻنهي  لاءِ هڪ ئي روم جون ٻه چاٻيون وٺي آيو ۽  لفٽ ۾ مٿي اسان واري مقرر روم ۾ وٺي هليو. مون فٽافٽ هوٽل جي ئي ’ڪافي ميڪر‘ مان ٽي ڪافيون ٺاهي ورتيون  ۽ ڪچهريون ڪندي ايندڙ ڏينهن تي ’يونيورسل اسٽوڊيو‘ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيوسين.

اسين 8-جولاءِ تي صبح جو تيار ٿياسين ته ڀاءُ مالڪڏنو به اچي ويو. هن سڀ کان پهرين هڪ سردار جي گروسري اسٽور ۽ ريسٽارنٽ ۾ وٺي هلي اسان کي انڊين ماني کارائي، بعد ۾ هڪ ٻئين ’ڪافي شاپ‘ تي هلي ڪافي به پيئاري ته اتان يونيورسل اسٽوڊيو لاءِ ٻه ’ڊسڪائونٽ ڪوپن‘ به کنيا بعد ۾ جيئن هن ڪالهه  ئي اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هئو، ان لاءِ هوُ اسان کي يونيورسل اسٽوڊيو ۾ ڇڏڻ هليو ۽ شام جو 7:00 بجي وري اتان ئي کڻڻ لاءِ چيو. هوُ پاڻ ڪونه هليو، جو کيس  ڪٿي ضروري ڪم سان وڃڻو هئو!

اسين ’يونيورسل اسٽوڊيو‘ جي مستقل خوبصورت بازار، ملٽي پليڪس، طرح طرح جا دوڪان ۽ انيڪ ملڪن جا سيلاني ڏسندا اسٽوڊيو جي گيٽ وٽ پهتاسين؛ جتي ٻاهر ئي ڌرتيءَ جو هڪ وڏو شاهي گولو لڳايل آهي. گيٽ ٻاهران ڪيتريون ئي بوڪنگ ونڊو هيون. اسين به  هڪ ونڊو تي وڃي پنهنجا ڊسڪائونٽ ڪوپن ڏنا ته ڪلرڪ اسان کان ڪيليفورنيا اسٽيٽ جو سڃاڻپ ڪارڊ گهريو؛ جو اُها سهوليت صرف ان صوبي جي شهر واسين کي ئي  مهيا ڪرايل هئي.

ٻيو ڪو چارو نه ڏسي اسان کي 77 ڊالر في ٽڪيٽ جي حساب سان پورا پيسا ڀرڻا پيا. ٽڪيٽون وٺي گيٽ اندر داخل ٿياسين ته گيٽ وٽ ئي اسان کي اسٽوڊيو جا نقشا ڏنا ويا، جنهن ۾ اندر موجود سموريون ‘Rides’ پڻ سمجهايل هيون! ان ڏينهن قدري وڌيڪ رش هئي. ائين کڻي چئجي ته ڏاڍي ڀيڙ لڳل هئي.

آءٌ ادا پريم کي سڌوئي ٽرام اسٽيشن ڏانهن وٺي ويس. ابا! اُتي ته ايڏي ويڏي لائين هئي، جو ور وڪڙ ٿيل پندرهين قطار ۾ بيهڻو پيو! تقريبن هڪ ڪلاڪ لڳي ويو، جو اسان کي به هڪ ٽرام ۾ ويهڻ جو موقعو جو مليو! ’ٽرام‘ ان جو نالو هئو. پر اُها ڪا اهڙي ٽرام ڪونه هئي جيڪا هيٺ لڳايل ٽريڪ تي هلي.  ان کي پڻ ٽائر ئي لڳايل هئا ۽ پنهنجي مخصوص روٽ تي لڳاتار هلندي پئي رهي.

هر هڪ ٽرام ۾ چار ڪمپارٽمينٽ هئا. پهرئين ڪمپارٽمينٽ ۾ هڪ گائيڊ رستي تي ايندڙ هر هڪ شيءِ سمجهائيندو پئي هليو ۽ باقي پٺين ڪمپارٽمينٽس ۾ مانيٽر تي ان گائيڊ جو صرف اميج پئي ڏيکاريو ويو. اسان کي ٽئين نمبر ڪپارٽمينٽ ۾جاءِ ملي هئي، جنهن ڪري اسين اهو ٽي.وي. مانيٽر ۽ آس پاس جا نظارا پئي ڏسندا رهياسين.

ٽرام پهرين پهرين سڌو ئي اسٽيج نمبر 3340 کان ٿيندي اسٽيج 28 ۽ اسٽيج 44-طرف هلي. رستي تي تمام اسٽيج جي ديوارين تي اندر شوٽنگ ٿيندر فلمن جا وڏا شاهي پوسٽر لڳايل هئا؛ جن جي ٻاهران پارڪ ٿيل گاڏين جا انبار ڏسي سمجهي سگهجي پيو ته ان مهل به اندر شوٽنگ هلندڙ هئي.

جيئن ڪنهن ’لائن سفاري‘ ۾ عام انسانن کي وهيڪل اندر بند ڪيو ويندو آهي ۽ باقي شينهن، چيتا ۽ ٻيا تمام جانور آزاديءَ سان ڪٿي به گهمي سگهندا آهن؛ تيئن ان مهل جڏهن مختلف اسٽيج وٽان اسان جي ٽرام لنگهي رهي هئي ته اسين به ٻاهريان ماڻهو صرف ٽرام ۾ بند هوندي آس پاس جي فلمي ماحول کي صرف ڏسي پئي سگهياسين ۽ ان تي ئي مطمئن پئي رهڻو هئو.

پوءِ ته هڪ عاليشان ڪالونيءَ اندر پهتاسين جتي تمام روڊن جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت بنگلا ئي بنگلا هئا. جيتوڻيڪ پڪ آهي ته اهو به سيٽ ئي هئو ۽ جيڪي ڪجهه نظر اچي رهيو هئو، صرف اهو ئي سچ هئو،  باقي ان جي پٺيان ڪجهه به نه هوندو! تمام  پروڊيوسر صاحبان کي بنگلي جي اندرئين سيٽ لاءِ وري ڪنهن اسٽيج جي اندر يا ڪنهن سچي پچي بنگلي ۾ وڃي اُها مخصوص شوٽنگ ڪرڻي پوندي آهي!

رستي تي ڪٿي ڪٿي مارڪيٽ به پئي نظر آئي؛ جتي دوڪانن تي مختلف سائن بورڊ  ‘Keaton’s’ وغيره لڳايل هئا. ڪٿي ڪٿي وري وڏا شاهي محلات پئي نظر آيا. هڪ مڪمل شهر آباد هئو ۽ فلم ڪمپنين جا ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ويندي پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا.

هڪ هنڌ اچانڪ بلاسٽ ٿيندي ڏيکاريو ويو. تيز باهه جا شعلا ٽيهه چاليهه فوٽ مٿي تائين پئي ويا ۽ آس پاس بيٺل وهيڪلس پڻ هوا ۾ اڏامي رهيون هيون. هڪ هنڌ وري ڪنهن پهاڙي نما ڳوٺ جو نظارو هئو، جتي پٿرالي رستي تي مٿاهينءَ کان هيٺانهينءَ ڏانهن اسان جي طرف اچانڪ زور سان ٻوڏ جو پاڻي اچڻ لڳو. ائين پئي لڳو، ڄڻ اسين به ڪونه بچنداسين ۽ پاڻيءَ جي وهڪريءَ ۾ ٽرام جا پرزا به ڪونه لڀندا! پر جيسين اهي خوفناڪ لهرون اسان وٽ پهچن پهچن، ان کان اڳ ئي ٽرام ماڳهين ڪنهن ٻئي طرف مڙندي مٿانهينءَ تي چڙهندي اڳيان هلي ويئي!

هڪ وڏي شاهي چرچ ٻاهران سنسان روڊ تان ٿيندا ڪنهن اسٽيج ۾ داخل ٿياسين ته اُتي هڪ ميٽرو اسٽيشن ٺاهيل هئي، جنهن جي مختلف پليٽ فارمن تي ڪجهه ٽرين به بيٺل هيون.! اڃا داخل ئي مس ٿياسين ته اوچتو ئي اوچتو هڪ زبردست بلاسٽ ٿيو ۽ ٽرين جي دٻن جا ته پرخچا به اڏامندي پئي نظر آيا. باه ايڏي هئي،  جو ان جي گرمي ٽرام اندر به اسان کي محسوس پئي ٿي.

ميٽرو سب-وي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته ٻيهر کليل روڊ رستا، ڪٿي باغ باغيچا ته ڪٿي ڦوهارا لڳايل هئا. هڪ هنڌ ڪنهن Cow Buoy ٽائيپ فلم جو سيٽ لڳايل هئو؛ جتي مختلف دوڪانن تي پڻ الڳ الڳ نالا لکيل هئا. ڀرسان هڪ ڍنڍ ۾ وري هيڏي ساري جيئري جاڳندي هڪ شارڪ مڇي تري رهي هئي ۽ ڪڏهن ته هيڏو سارو وات ڦاڙيندي پاڻيءَ کان ٻاهر ٽپا پئي ڏنائين.

هڪ جاءِ تي وري برفباريءَ جو نظارو هئو. هر شيءِ  ‘Snow Fall’ سان ڍڪي پيئي هئي؛ ته ڪٿي وري جهنگ ئي جهنگ هئو، ڄڻ ڪنهن ٻيلي ۾ اچي رستو ئي ڀلجي ويا هجون! هڪ جاءِ تي بوئنگ ايئرڪرافٽ  ڪريش ٿيل روپ ۾ پيو هئو. هر طرف ملبي جا ڍير ۽ تباه ٿيل ايئرڪرافٽ جا ٽڪرا پئي نظر آيا. اتان کان ٿورو ئي مٿانهينءَ تي هلياسين ته واپس ساڳئي ٽرام اسٽيشن تي اچي دنگ ڪيوسين.

اُتي مسافرن جي لهڻ لاءِ الڳ ئي پليٽ فارم ٺاهيل هئا؛ جتي ٽرام اسان کي لاهي ڪري اڳيان وري ٻيا سياح کڻڻ پئي ويئي. هينئر به اُتي ڏاڍي ڀيڙ لڳل هئي ۽ ماڻهو انيڪ قطارن ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان ٽرام رائيڊ کي  ‘King Kong 360/3-D’  پئي سڏيو ويو؛ جو ٽرام جو سفر شروع ڪرڻ سان ئي اسان کي چشمو پارائي هڪ غفا ۾ وٺي ويا هئا، جتي ڪنگ ڪانگ جو اسان جي مٿان حملو ڏيکاريو ويو هئو!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے