14 بدھ , نومبر 2018

اداڪار انور سولنگي جي شخصي ۽ فني زندگي ۾ جهاتي ۽ جڏهن اداڪار انور سولنگي کان ريڊيو تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي واري خبر تي ڪيل افسوس تي نوڪري کسجي وئي!:حميد ڀٽو

اداڪاري جي دنيا ۾ تمام ٿورڙن اداڪارن پنهنجي منفرد قدرتي ڏات وسيلي سنڌ ۾ اهڙي مڃتا ماڻي ورتي آهي جيڪا جيسيتائين ڪائنات ۾ سنڌ موجود آهي تيسيتائين سندن فن ۽ نالي کي وساري نه ٿو سگهجي. اهڙن ئي سنڌ جي امر موتين منجهان هڪڙو موتيءَ داڻو انور سولنگي به آهي. هو يارن جو يارجنهن سان دوستي هوندي تن سان توڙ نڀائبوواري منطق تحت زندگي گهاري. انور سولنگي سموري زندگي ڪنهن جي به ڪاڻِ نه ڪــڍندي سچ تي بيٺو ڪُڏندو رهيو. هڪ بهادر ۽ باصلاحيت انسان هو، جنهن فن جي دنيا لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙي، هن زندگيءَ جا هزارين لاها، چاڙها ڏٺا.

نهايت ئي معتبر انسان انور سولنگيءَ،  پوليس جمعدار ميان غلام حسين سولنگي جي گهر 5 جنوري 1944ع ۾ سهڻي ميهار جي عاشقن واري شهر شهداد پور ۾ جنم ورتو

انورسولنگي سان منهنجي پهرئين ملاقات 1990ع دوران ٿي، جنهن کانپوءِ  ڀائرن جهڙي دوستي قائم ٿي ۽ گڏو گڏ زندگي جي ڪيترن ئي سفرن ۾ گڏ هئاسين. انور سولنگي قصا خواني جو ڪوڏيو، پنهنجي زندگيءَ جا هزارين قصا يادگيري طور ٻڌائيندو رهيو.  عاشقن جي شهر ۾ جنم وٺندڙ جان محمد عرف جانڻ مان انور الدين بڻجندڙ جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته هي نوجوان سنڌ جو ناليوارو اداڪار ”انور سولنگي“ ٿيندو. انور سولنگي فني دنيا ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾صداڪاري ۽ اداڪاريءَ واري شعبي سان سلهاڙجي ويو. هو 1963ع کان ريڊيو پاڪستان  سان سلهاڙجڻ بعد زندگي جي آخري ڏينهن تائين سلهاڙيل رهيو، جتي پهريون ڀيرو ممتازمرزا جي هدايت تحت ٻارڙن جي پروگرام ۾ حصو ورتو۽ سندس پهريون ڀيرو ريڊيو تي آواز ٻڌي سندس والد تمام گهڻو خوش ٿيو جڏهن ته ان وقت جي ريڊيو جي جنرل مئنيجر ايم بي انصاري ءَ مائيڪرو فون ٽيسٽ وٺي کيس انائونسر بڻايو.1971ع واري جنگ ۾ عبدالحق ابڙو سان گڏجي سچ ته بيٺو نچ فيچر پروگرام پيش ڪندو رهيو جتي ان دور ۾ صالح محمد شاهه، مصطفيٰ قريشيءَ جو عروج هيو ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي سادگي واري انداز سبب ريڊيو تي انهيءَ صف جو آواز بڻجي ويو. هن اردو فلم خواهش ۾ پڻ ڪم ڪيو جنهن جو هدايتڪار نذرالاسلام هيو. کيس ٽيليويزن تي ڪيل ڪردارن مان مکڻ ۽ ڍولڻ واري ڪردار کي اڄ ڏينهن تائين ڪير به ناهي وساري سگهيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ خانگي ٽي وي چينلز تي پڻ يادگار ڪردارن ۾ بهترين پرفارم ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ هدايتڪار طور پاڻ مڃرايو آهي. پنهنجي محنتن سان ڊراما آرٽيسٽ، انائونسر ۽ ليکڪ ۽ صداڪار جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو ۽ بهترين آواز ۽ بهترين ڊراما رائيٽر جا تمام گهڻا ايوارڊ حاصل ڪندو رهيو. انور سولنگي پاڪستان ٽيليويزن تي ٻه ڀيرا بهترين اداڪار جا پي ٽي وي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، ان کان سواءِ ٻيا اڻ ڳڻيا ايوارڊ ”ڪراچي ميٽروپوليٽن ايوارڊ ۽ ماتر ڀُومي ايوارڊ“، ”سنڌ فنڪار ايوارڊ“ سميت ٻيا سوين ايوارڊ پڻ شامل آهن. انور سولنگي ريڊيو ۽ ٽي وي جي سنڌي توڙي اڙدو جي سوين ناٽڪن ۾ اداڪاري جا ڀرپور جوهر ڏيکاريا ۽  انهن لازوال ڪردارن جو شمار نه ٿو ڪري سگهجي. ريڊيو ٽي وي ۽ فلم کانسواءِ پاڻ اسٽيج تي پڻ ڪيترا ڀيرا ڪم ڪيائين.

انور سولنگي نه رڳو سٺو آرٽسٽ پر سٺو ليکڪ به هو. هُن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ سٺا ڊراما لکيا. ريڊيو حيدرآباد تي ريگيولر انائونسر ٿيڻ بعد ذوالفقار ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن ريڊيو حيدرآباد تي انائوسر طور پروگرام ڪري رهيو هو ته کيس ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي ڏيڻ واري خبر ملڻ بعد سخت صدمو رسيس ۽ انور اها خبر ٻڌڻ شرط ئي ڏکوئيندڙ لفظ ڳالهايا جنهن تي سندس خلاف رپورٽون تيار ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ انور سولنگي جي نوڪري ختم ڪئي وئي، ان مارشلائي دور ۾ کيس کوڙ سارين تڪليفن جي ور چڙهي ويو. انور سولنگي 1974ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ انتها کان وڌيڪ مقوبليت ماڻيندڙ اداڪار بڻجي ويو، سندس مشهور ڊرامن ۾راني ڪي ڪهاني، ڇوٽي سي دنيا، ديوارين، جنگل، هوائين ۽ ماروي سميت ٻيا کوڙ سارا ناٽڪ شامل آهن.

انور سولنگي هڪ ڪتاب ”وٽيون وهه گاڏڙيون“ جو مصنف پڻ رهيو آهي. جيڪو ڪتاب سندس زندگي ۾سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان شايع ڪرايوآهي. انور سولنگي نه باقاعدي ڪنهن جو شاگرد ٿيو، نه ڪنهن جو مُريد ئي ٿيو. هو بنا تُرقي جي هن جيون ساگر ۾ هٿڙا هڻندو رهيو ۽ فني دنيا ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو. انور سولنگي زندگي جي تلخ تجربن ۾ گهڻو ڪجهه سکندي پنهنجي ڪتاب ۾ کوڙ سارا سچ لکيا آهن ۽ سندس لکيل ڪهاڻيون حقيقت ۾ پاڻ سان مختلف وقتن تي پيش آيل واقعن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو آهي، جڏهن هن پنهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻڌايو ته مون کيس هڪدم ڪتاب لکڻ لاءِ مواد ڏيڻ جو چيو. جنهن بعد تيزيءَ سان ڪتاب جو مواد هٿ ڪري آفاق ڀٽي سان رابطو ڪري سندس مواد ڪمپوز ڪرايو ۽ 2005ع ۾ ڪتاب شايع ڪرائي يادگار مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي م منعقد ڪرائي سين  جنهن ۾ نثار کهڙو ۽ مهتاب راشدي، شمشير الحيدري سميت سوين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اهامنعقد تقريب انور سولنگيءَ کي سندس زندگيءَ ۾ ڀرپور مڃتا ڏيڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي. انور سولنگي پنهنجي آتم ڪٿا واري ان ڪتاب ۾ آتم ڪٿا جو سمورو زهر اوتيو آهي، ان ڪري ئي ڪتاب جو نالو ”وههَ (زهر) رکيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ کي هميشه زهر جو پيالو پيئندي محسوس ڪيو آهي، سندس وهه گاڏڙ وٽيون مٺي زهر سان ڀريل آهن جيڪي پيئڻ ته سوليون پر هضم ڪرڻ نهايت ئي اوکو آهي. انور سولنگي واهه جي شاعري پڻ ڪئي آهي، سندس شاعري ۾ سنڌ سان محبت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته:

او منهنجي جيجل سنڌ امان

مان صدقو توتان ساهه ڪريان

مان واريان توتي جند امان

او منهنجي جيجل سنڌ امان

تنهنجو ٻچو ٻچو دودو آ

تنهنجو نينگر نينگر هوشو آ

توکي ڪوري ڏيندا ڪنڌ امان

او منهنجي جيجل سنڌ امان

انور سولنگيءَ جي اداڪاري، شاعري، ڪهاڻيون سماج جي عڪاسي ڪري ٿي. جڏهن ته انور سولنگي فنڪارن جي فلاح بهبود لاءِ جوڙيل اداري سنڌ فنڪار تنظيم جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو، جنهن کانپوءِ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي ڊويزن جو صدر زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين رهيو.

انور سولنگي 4 اپريل 2008ع ۾ ڪراچيءَ جي سول اسپتال جي ايس.آءِ.يو.ٽي وارڊ ۾ شُگر ۽ گُڙدن جي بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، کيس سخي حسن جي قبرستان ۾ هزارين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.جڏهن ته کيس بيماري دوران ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري شمس جعفراڻي گهر وڃي مالي مدد پڻ ڪئي جنهن تي انورسولنگي سندس ٿورا مڃيا. انور سولنگي کي اولاد ۾ 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ طلحا آهن. انور سولنگي پنهنجي خودداري ۽ ايمانداري سميت سچ چوڻ تحت سموري زندگي تڪليفون سٺيون، هن شادي ڪراچي جي اردو فيملي منجهان ڪئي، ان وفاشعارگهرواري سندس بيماري دوران تمام گهڻي خدمت ڪئي، ڪيترا ئي ڀيرا زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو، وفات کان ڏهاڪو کن سال اڳ سندس روڊ حادثي ۾ ڄنگهه ٽٽي پئي هئي ۽ ان ٿيل واقعي کان پوءِ کيس نئين زندگي ملي هئي ۽ مليل زندگي ءَ کي آخري ڏهاڙن ۾ شگر سميت ٻين بيمارين ۾ جڪڙجي ويو هو ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين ڪراچي جي يوسف پلازهه واري مسواڙي فليٽ ۾ رهندو رهيو، سندس زندگي جو سرمايو ڪيل فني پورهيو آهي جتان کيس بهتر اجورو نه ملي سگهيو. سنڌ جي فنڪارن جي پڇاڙي وارا ڏينهن فن جي آسري جيڪي گذرن ٿا، انهيءَ تي جيترو لکبو اوترا ڪتاب ڇپجي ويندا. ڌڻيءَ در دعا آهي ته انور سولنگي کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سنڌ واسي کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے