16 جمعہ , نومبر 2018

امن فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد جلال سان ڳالهه ٻولهه امن فائونڊيشن سڄي سنڌ ۾ ايمبولينس سروس وڌائڻ جو فيصلو ڪندي سمري سنڌ سرڪار کي موڪلي ڇڏي آهي: احمد جلال:انٽرويو: محمد علي نقرچ ۽ عامر خٽڪ

امن فائونڊيشن سڄي سنڌ ۾ ايمولينس سروس وڌائڻ جو فيصلو ڪندي سمري سنڌ سرڪارکي موڪلي ڇڏي آهي. امن فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد جلال چيو آهي ته امن فائونڊيشن 2009ع کان هينئر تائين 9 لک 55 هزار ماڻهن جا ايمرجنسي ڪيس کنيا آهن، هاڻي چاهيون ٿا ته ڪراچي، ٺٽي ۽ سجاول کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ عوام کي زندگي بچائڻ واري معياري سروس مهيا ڪريون. ان لاءِ حڪومت جي مدد انتهائي ضروري آهي. اهڙو اظهار هن عوامي اواز اخبار کي ڏنل پئنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جي آبادي تمام گهڻي آهي. عالمي معيار تحت هڪ لک ماڻهن لاءِ هڪ ايمبولينس گهرجي. ان حساب سان اسان کي ڪراچي لاءِ اڃا وڌيڪ 2 سئو ايمبولينسن جي گهرج آهي. هن وقت امن فائونڊيشن وٽ ڪراچي ۾ 60 ايمبولينسون آهن، جيڪي تمام گهٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امن فائونڊيشن وٽ باقاعده نظام موجود آهي. عوام ٽيلي هيلٿ ۽ امن ايمبولينس تي فون ڪري صحت ۽ ايمرجنسي ۾ مدد حاصل ڪري سگهي ٿو. هن امن ايمبولينس سروس مهانگي هجڻ واري تصور کي رد ڪندي چيو ته امن ايمبولينس حادثي جي صورت ۾ مفت سروس مهيا ڪري ٿي. ان کانسواءِ ايمرجنسي ڪيس ۾ امن ايمبولينس صرف 500 رپيا في وصول ڪري ٿي پر ان سروس تي امن فائونڊيشن ايمبولينس جو خرچ 4700 رپيا ٿئي ٿو.

هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هاڻي سروس کي ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ڄامشورو، ميرپور خاص سميت سڄي سنڌ ۾ کڻي وڃڻ چاهيون ٿا. ان حوالي سان سمري به سرڪار کي موڪلي ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اڳ امن ايمبولينس فون کانپوءِ فوري طور پهچي ويندي هئي پر هاڻي روڊن ۽ ٽريفڪ جي مسئلن سبب امن ايمبولينس جي پهچڻ وارو وقت وڌي 18 منٽ 30 سيڪنڊ ٿي ويو آهي، جيڪو گهڻو آهي ان تي گاڏين ۾ اضافي سان  ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته امن ايمبولينس ۾ تربيت ورتل اسٽاف موجود هوندا آهن. گاڏي ۾ آڪسيجن، وينٽيلٽر ۽ ميڊيڪل جون ٻيون جديد سهوليتون موجود آهن. هن چيو ته امن ايمبولينس ۽ ٽيلي هيلٿ تي روزاني جي بنياد تي لڳ ڀڳ هڪ هزار فون اچن ٿا، جن مان ايمبولينس سروس 285 کان 315 تائين ڪيس کڻي ٿي ۽ سراسري طور روزاني 100 کن فون ڪندڙ سروس کان محروم رهجي وڃن ٿا، ان ڪري سنڌ سرڪار کي لکيو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت فنڊ مهيا ڪري ته جيئن ايمبولينسون وڌايون وڃن ۽ عوام کي سهولت ڏئي سگهون.

ڪراچي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ امن ايمبولينس سنڌ سرڪار جي سهڪار سان هلندڙ آهي، امن فائونڊيشن جي سي اي او احمد جلال جو چوڻ آهي ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ 25 ايمبولينس ڪم ڪن پيون، ٻنهي ضلعن ۾ عوام وڏي موٽ ڏني آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته امن فائونڊيشن جي امن ايمبولينس ۾ جديد سهولتون هجڻ ڪري هن وقت تائين 125 ٻارن جي پيدائش ايمبولينس ۾ ٿي آهي، جن مان 28 ٻارن ٺٽي سجاول روڊ تي سروس دوران جنم ورتو. هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جي بيسڪ هيلٿ سينٽرن ۾ صحت جون سهولتون نه آهن، ان ڪري روزاني جي بنياد تي 25 سيڪڙو گاڏيون ڪراچي ڏانهن سفر ڪن ٿيون.

هن چيو ته امن فائونڊيشن وٽ ڪراچي ۾ 60 ايمبولينسون ۽ سنڌ سرڪار جي تعاون سان ٺٽي ۽ سجاول ۾ 25 ايمبولينسون موجود آهن. جڏهن ته ايمبولينس سروس تي جملي اسٽاف هڪ هزار 50 ڪم ڪري ٿو. جنهن ۾ آفيسر، ميڊيڪل آفيسر، نرس، ڊرائيور ۽ ٻيو اسٽاف شامل آهي. ايمبولينس سروس 3 شفٽن ۾ هلي ٿي. ڪال سينٽر تي آپريٽر، نرس ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر عوام جي مدد ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے