16 جمعہ , نومبر 2018

ٽئين ڪلاس جي آرٽسٽ شاگردياڻي سهائي ڪمال ڄامڙو جو انٽرويو:عوامي آواز سٿ

پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان جي ملاقات هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ڪرائينداسين جيڪا ڪراچيءَ جي مشهور درسگاهه ماما پارسي گرلز اسڪول جي شاگردياڻي آهي. هن اسڪول تازو سئو سال پورا ٿيڻ تي جشن ملهايو آهي. هيءُ اسڪول پڙهائيءَ جي معيار، ڊسيپيلن، ۽ ڇوڪرين جي  تعليم سان گڏ تربيت بابت سختيءَ جي ڪري هڪ جداگانه حيثيت رکي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اتي پڙهندڙ ڇوڪريون منفرد سڃاڻپ رکنديون آهن. ڏسجي ته اڄوڪي مهمان ٻارڙيءَ ۾ ڪهڙي منفرد صلاحيت آهي.

س: اوهان جو تعارف.

ج؛ منهنجو نالو سهائي ڪمال ڄامڙو آهي ۽ مان ٽئين درجي جي شاگردياڻي آهيان.

س؛ توهان کي اسڪول وڃڻ ۾ مزو ايندو آهي؟

ج؛ جي ها! مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي ڇو ته اتي منهنجون سڀ سهيليون آهن. اسان گڏجي بريڪ ۾ لنچ به ڪندا آهيون. ۽ کيڏندا به آهيون.

س: اوهان جي پسنديده ٽيچر ۽ مضمون ڪهڙا آهن؟

ج: منهنجي پسنديده ٽيچر مس مليحه آهي ۽ مونکي سمورا مضمون وڻندا آهن پر مئٿس پڙهڻ ۾وڌيڪ مزو ايندو آهي. آرٽ ۾ شيون ٺاهڻ ۾ مزو ايندو آهي.

س: هوم ورڪ ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل ٿيندي آهي؟ يا ٽيوشن پڙهڻ ويندا آهيون؟

ج: اسان کي هوم ورڪ گهڻو  نه ملندو آهي. بس اسڪول جو ڪم ٻيهر پڙهڻ لاءِ چوندا آهن يا جيڪڏهن مضمون، تقرير يا ٻيو ڪو پنهنجو پاڻ ڪرڻ وارو ڪم هوندو آهي ته اهو ڪرڻ ۾ امان منهنجي مدد ڪندي آهي. ۽ مان ٽيوشن تي ڪڏهن به نه وئي آهيان. بلڪه منهنجي وڏن ڀينرن ۽ ادا سميت اسان مان ڪير به ڪڏهن به ٽيوشن تي پڙهڻ نه ويو آهي. اسين سڀ پاڻ پڙهندا آهيون. ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته امان ٻڌائيندي آهي يا اسڪول ۾ ٽيچر کان پڇندا آهيون.

س: اوهان جي پڙهائيءَ کانسواءِ ڪهڙي مصروفيت آهي؟

ج: مون کي آرٽ ۽ ڪرافٽ جو گهڻو شوق آهي. مان فرصت ۾ اهو ئي ڪندي آهيان. انکانسواءِ يوٽيوب ذريعي پنج منٽ ٽپس(Five Minute Tips) مطابق مشڪل ڪمن کي آسانيءَ سان حل ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙي ڪا ڪهاڻي به لکي وٺندي آهيان.

س: آرٽ ۽ ڪرافٽس ۾ ڇا ڪندا آهيو تفصيل ٻڌايو؟

ج: مان ڪلي(Clay) يا ڊو (Dow) مان مختلف رانديڪا ٺاهيندي آهيان خاص طور تي تمام ننڍڙيون ننڍڙيون شيون ٺاهڻ وڻندو آهي. مان اخبارن ۽ کوئنور  Glue جي پيسٽ سان پنهنجي ڊو Dow ٺاهي به شيون ٺاهيندي آهيان. ان کانسواءِ  جيڪو به سامان گهر ۾ هوندو آهي ان مان مختلف شيون ٺاهيندي آهيان جيئن ٻه ٽي پنا کڻي انهن کي وڪوڙي پوءِ کوئنر  جي مدد سان پڪو ڪري مون هڪ جادوئي ڏنڊي ٺاهي اها ڏنڊي ڪاٺيءَ جهڙي مضبوط آهي ۽ مون اُن کي پريءَ وارو ستارو به هنيو آهي. مان اها اسڪول کڻي ويس ته ٻين ڇوڪرين کي به وڻي ۽ مون انهن کي به ٺاهڻ سيکاري. ان کانسواءِ اسين سڀ پنهنجي پنهنجي جادوئي ڏنڊيءَ (Magic Wand) سان کيڏڻ لڳاسين.

س: ڊرائنگ ۽ پينٽنگ سان به چاهه آهي؟

ج: ها! ڏاڍو گهڻو  پر مون کي ڊرائنگ ڪري پوءِ ڪلر ڀرڻ بدران سنئون سڌو برش سان ڪينواس تي پينٽ ڪرڻ گهڻو وڻندو آهي. منهنجون ٺاهيل تصويرون منهنجي آرٽ ٽيچر کي ڏاڍيون وڻنديون آهن. ڪجهه پينٽس اسڪول جي آرٽ روم ۾ به رکيل آهن.

س: ڇا اسڪول ۾ اوهان کي ڪڏهن سزا ملندي آهي؟ يا ٽيچر مارينديون آهن؟

ج: غلطي ڪرڻ تي اسانجي رپورٽ ڪارڊ مان نمبر ڪاٽيا ويندا آهن. پر جسماني سزا نه ملندي آهي. هڪ ڀيري هڪ ٽيچر ڪاپي چيڪ ڪرڻ مهل منهنجو ڪن پٽيو. مون گهر ٻڌايو ته امي هيڊمسٽريس کي خط لکيو. جيئن ته منهنجو ڏوهه نه هو. انڪري هيڊ مسٽريس ٽيچرس کي گهرائي سمجهايو ۽ ته اجايو ٻارن کي نه ماري ۽ مون کي به سمجهايو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي منهنجي جسم کي ڇهڻ يا تڪليف ڏيڻ جو حق نه آهي ۽ آئينده جيڪڏهن ائين ٿئي ته مان هيڊمسٽريس کي سنئون سڌو شڪايت ڪريان.

س: اوهان وڏي ٿي ڇا ٿيڻ چاهيو ٿيون؟

ج: مان وڏي ٿي آرٽ ۽ ڪرافٽس جي ٽيچر ٺهڻ چاهيان ٿي. هونئن مون کي ڊاڪٽر  وانگر علاج ڪرڻ به وڻندو آهي. مون وٽ انساني جسم ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟ (How Human Body Works?) متعلق گهڻا سارا ڪتاب آهن جيڪي مان پاڻ به پڙهندي آهيان ۽ ادي به مون کي سمجهائيندي آهي. مون کي اها معلومات به ڏاڍي وڻندي آهي پر مان ميڊيڪل ڊاڪٽر نه ٺهندم.

س: آخر ۾ ٻارن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا

ج: مان ٻارن کي اهو چونديس ته هو پنهنجيءَ پڙهائي تي پورو ڌيان ڏين ۽ جيڪو واندو وقت ملي ان ۾ تخليقي (Creative) ڪم ڪن ۽ پنهنجي طرفان نيون نيون شيون ٺاهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے