17 ہفتہ , نومبر 2018

اڪيلائي:حميده گهانگهرو

اڄ مونکي ڏاڍو تيز بخار آ، مان ۽ منهنجي تنهائي هڪ ڪمري ۾ قيد آهيون همت ڪري چانهن پچائي ڊبل روٽي جو هڪ سلائيس کنيو اٿم. ايترو ته ڪڙو ٿو لڳي جو هڪ گرهه کائڻ تي به همت نٿي ٿئي پر کائڻو آهي. اهو حوصلو مونکي پنهنجي پاڻ کي ڏيڻو آ. ڇاڪاڻ جو شوگر ڊائون ٿيندي ۽ مان هائپو ۾ هلي وينديس. ڪير ڏسڻ ۽ پڇڻ وارو آ. ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪمري مان بدبو نڪرندي سڀ ايندا. اخبار جون سرخيون ٺهنديون مختلف رايا ايندا. ڪير بهادري جا لقب ڏيندو ته ڪير ويچاريءَ جا پر ڪنهن کي به منهنجي اندر جي آخري لمحن جي خبر نه پوندي.

مون ته پنهنجو جيون ارپيو هو پر منهنجي جيون ۾ بي چيني جا رشتا ڇو شامل ٿيا. مون هڪ اهڙو سرمايو گڏ ڪيو هو جيڪو بئنڪ ۾ جمع ناهي ٿيندو. پر احساسن، جذبن، پيار محبت ۾ پوئجي اچي چوندا تون اڪيلي ناهين. منهنجي جهول مان اها خوشبو اڃان نٿي نڪري جنهن مان پيار ۽ پاٻوهه سان گلي لڳائي منهنجي مستقبل جو سهارو سمجهندي ڏٺم! اڄ اها خوشبو ائين پري ٿي وئي ڄڻ ڪنهن ڀڳل ڀريل ڪاٺي ۾ سرو لڳي ويو هجي هيءَ ڪهڙي آزادي آ جيڪا رشتن جي قدرن کي ڀڃي ڀور ڪري سڪل ڪاٺين وانگر ساڙي ڇڏي. ڇا اسين اڃا سوچن ۾ ٻار آهيون يا وري اکيون بند ڪري خيالي اڪيلي دنيا ۾ گم ٿي ٿا وڃون  سرمائي کي ته ماڻهوڳوليندو آهي پر هن سرمائي کي ڳولڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرڻا ٿا پون پوءِ ڪنهن ڪنڊ مان هلڪي سرهاڻ محسوس ٿئي ٿي دراصل اها احساسن، جذبن، پيار ۽ محبت جي سرهاڻ آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے