15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪامن ويلٿ گيمز:قومي هاڪي ٽيم ڪينيڊا کي 1 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي

گولڊ ڪوسٽ(اسپورٽس نيوز)ڪامن ويلٿ گيمز  ۾ قومي هاڪي ٽيم ڪينيڊا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي ايونٽ ميگا ايونٽ ۾ ستين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو.آسٽريليا جي شهر گولڊ ڪوسٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪينيڊا پهرئين منٽ ۾ جيمز ڪرڪ پيٽرڪ جي مدد سان پهرين گول ڪري قومي ٽيم مٿان  برتري حاصل ڪئي. جنهن کي ارسلان قادر راند جي 34 هين منٽ ۾ فيلڊ گول جي ذريعي برابر ڪري ڇڏيو . 40 هين منٽ ۾ پاڪستان ٽيم پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري برتري حاصل ڪري ورتي هي گول پينالٽي ڪارنر اسپيشلسٽ مبشر علي اسڪور ڪيو. راند ختم ٿيڻ کان رڳو ٽي منٽ اڳ عرفان جونيئر ٽيون گول اسڪور ڪري پاڪستان تي ڪاميابي جي مهر لڳائي.واضح رهي ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ هي پاڪستان هاڪي ٽيم جي پهرين ڪاميابي آهي ان کان اڳ ويلز، ڀارت، انگلينڊ ۽ ملايئشيا جي خلاف سموريون ميچون برابري تي ختم ٿيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جو پاڪستان جي ايشيا ڪپ 2020 جي ميزباني تي اعتراض، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرايو وڃي: بي سي سي آءِ

نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے