15 ہفتہ , دسمبر 2018

قومي ٽيم جو آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان  

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو .چيف سليڪٽر انضمام الحق پنجن ڏينهن واري تربيتي ڪيمپ ۾ رانديگرن جي فٽنس ۽ ٻين صلاحيتن جو جائزو وٺڻ بعد ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو .آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ اظهر علي، سميع  اسلم، حارث سهيل، بابر اعظم، فخر زمان، امام الحق، اسد شفيق، عثمان صلاح الدين، شاداب خان ۽ محمد عامر، محمد عباس، سعد علي، حسن علي، فهيم اشرف ۽ راحت علي کي 16 رڪني ٽيم اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ سليڪشن ڪميٽي جي رانديگرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ صلاح مشورو ڪيو هو ۽ پنجن ڏينهن واري تربيتي ڪيمپ مڪمل ٿيڻ بعد 25 مان  16 رانديگرن جي چونڊيو ويو .واضح رهي ته پاڪستان ۽ آئرلينڊ وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ 11 کان 15 مئي تائين ڊبلن ۾ کيڏيو ويندو جيڪا آئرلينڊ جي پهرين عالمي ٽيسٽ ميچ پڻ هوندي جنهن بعد قومي ٽيم انگلينڊ ويندي جتي ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي شروعات 24 مئي کان ۽ ٻئين ٽيسٽ ميچ جي شروعات پهرين جون کان ٿيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جو پاڪستان جي ايشيا ڪپ 2020 جي ميزباني تي اعتراض، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرايو وڃي: بي سي سي آءِ

نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے