15 جمعرات , نومبر 2018

ورزش جا دماغي فائدا ايندڙ نسل ۾ به منتقل ٿيندا آهن: ماهر

برلن(ويب ڊيسڪ)  هڪ دلچسپ جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته ورزش هڪ طرف اسان جي لاءِ وڌيڪ فائدا رکندي اهي ۽ ٻئي طرف ورزش جا فائدا ايندڙ نسل ۾ به منتقل ٿيندا آهن. ڪوئن تي ڪيل جاچ  مان معلوم ٿيو آهي ته ان جي ٻارن جي ڊي اين اي کي تبديل نه ڪندي به ورزش جا فائدا انهن ۾ منتقل ٿيا ۽ بهتري جي سبب ٿيا. جئين ته انسان تي به اهڙا ئي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، اسان ڄاڻو ٿا ته باقاعده ورزش 50 سال جي عمر کان پوءِ به دماغ کي تازو ۽ بهتر حالت ۾ رکندي آهي، جواني ۽ ادهير عمري ۾ به دماغي مسئلا حل ڪرڻ ۽ ذهني مقابلن ۾ حصو وٺڻ سان ديمينشيا ۽ ٻين دماغي مرضن کي ٽاري سگهجي ٿو.ماهرن ان جاچ کي هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن ته ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته ان مان هڪ ٻيو سائنسي تصور” فلائن ايفيڪٽ“ جي تصديق ٿي سگهي ٿي. فلائن ايفيڪٽ جي تحت ترقي يافته مملڪن ۾ رهڻ واري ماڻهن جي هر نسل جو آئي ڪيو ٻين نسل کان وڌيڪ نوٽ ڪيو ويو ۽ هي سلسلو ڪيترن عشرون کان جاري آهي. يعني ذهين والدين جا ٻار به بتدريج ذهين پيدا ٿيندا آهن.چاهي سبب ڪهڙو به ڇو نه هجي. اسان ايندڙ ڏينهن  ورزش جا فائدا کان آگاهه رهندا آهيون. هاڻي ورزش جي عادت پاڻ ۾ ايندڙ ويندڙ نسلن لاءِ به فائدي مند ثابت ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ ماهرن ورزش سان ڀرپور سرگرم زندگي  تي زور ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ وارو اي سي جي طرح سمارٽ فون ايپ ايجاد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) دل جي دوري کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے