15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: لياري تي لکندڙ ليکڪن ۽ شاعرن سان لياري اتحاد طرفان شام ملهائي وئي

لياري تي لکندڙ ليکڪن ۽ شاعرن سان لياري اتحاد طرفان شام ملهائي وئي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته لياري تمام وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، کين اڳتي وڌي لياري کي حق ڏيارڻا آهن.

چاڪيواڙه ۾ ڪوٺايل تقريب ۾لياري جي نوجوانن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، لياري تي ڪتاب لکندڙ رمضان بلوچ، هاني بلوچ، عمير رزاق، وحيد نور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لياري جي تاريخ تمام پراڻي آهي.

هنن چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾لياري آمرن جي قبضي هيٺ رهي، جنهن بعد لياري وارن اتحاد ٺاهي اهو طئه ڪيو ته هاڻ لياري جون واڳون هو سنڀياليندا.

هنن چيو ته لياري تمام وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، هاڻ به لياري ۾ليکڪ اديب ۽ مصنف موجود آهن.

هنن چيو ته لياري ۾لييکڪ اديب ۽ پڙهيل لکيل طبقو رهي ٿو.

سندن چوڻ هو ته هاڻ کين اڳتي وڌڻو آهي ۽ لياري کي حق وٺي ڏيڻا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڇور: نهڙي برادري جي ماڻهن پاران انتقامي ڪاررواين خلاف احتجاج

ڇور ۾ سياسي بنيادن تي اڏاوتون ڍاهڻ خلاف نهڙي برادري جي ماڻهن پاران احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے