21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: جسم پاران مبينا قتل ٿيل شاگرد سهيل مغيري  جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج

جيئي سنڌ محاذ پاران  ايس ايس پي رضوان بهاري هٿان مبينا قتل ٿي ويل  نائين ڪلاس جي شاگرد سهيل مغيري  جي قتل ، اسد بروهي ۽ فيصل اعواڻ  کي جيل موڪلڻ ۽ دڙي جي هندو نوجوان سان اجتماعي بد فعلي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جسم چيئرمين رياض چانڊيي جي اڳواڻي ۾ خميسو ڳوٺ کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

مظاهري ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو سربراهه ممتاز بروهي، امتياز بروهي سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رياض چانڊيي چيو ته پي پي 10 سالن جي اقتدار ۾ سنڌ قومپرست ڪارڪنن لاءِ مقتل گاهه رهي آهي، جتي عدالت کان مٿانهن قتل ڪيا پيا وڃن

رياض چانڊيي جو چوڻ هو ته سنڌ کي پي پي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيوآهي،  رائو انوار هٿان قتل ٿي ويل نقيب الله کي انصاف مليو پر ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ مسلسل جدو جهد ڪندڙ ممتاز بروهي جي  ڀاڻيجي کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته نادرا  چيئرمين سنڌ ۾ ڌارين کي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت تبديل ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : خيرپور: ممتاز ڪالوني ۾ اوڏ برادري جي گهرن کي اوچتو باهه، 8 گهر سڙي رک

خيرپور ويجهو  ممتاز ڪالوني ۾ اوڏ برادري جي جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے