16 اتوار , دسمبر 2018

اپوزيشن طرفان نگران وزيراعظم جي نالي جو انتظار آهي: احسن اقبال

نارووال (م ڊ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ نگران وزيراعظم جي لاءِ اپوزيشن طرفان نالي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان رفان ڪو به نالو اڳيان آيو ته ٿي سگهي ٿو اپوزيشن ان کي قبول نه ڪري.نارو وال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي مسلم ليگ ن جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا.دشمن عنصرن پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ادارا ۽ سياسي پارٽيون ملڪ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن.هن چيو ته مسلم ليگ ن کي اهي ماڻهو ڇڏي ويا آهن جن کي ٽڪيٽ نه ملندو.چور دروازي کان پارٽي ۾ ايندڙ  تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪيا پيا وڃن.احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ ن ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو پارٽي اجلاس ۾ ڪندي. ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.گهرو وزير چيو ته خوشي ٿئي ها جيڪڏهن خيبرپختونخواهه ۾ نارو وال اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهيو وڃي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دهشتگردي جي خاتمي تائين ٻارن جو رت ضمير جهنجوڙيندو رهندو: بلاول

اسلام آباد / ڪراچي (م ڊ+ رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے