16 منگل , اکتوبر 2018

پنجاب حڪومت جو نوڪرين تي پابندي خلاف عدالت سان رابطو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت نوڪرين پابندي لاڳو ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن جي خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو .پنجاب جي چيف سيڪريٽري ايڊيشڻل ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب شان گل جي مدد سان مقامي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي جنهن ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته نوڪرين تي پابندي سان لاڳاپيل اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين موجب عوامي خدمت ۽ انتظامي معاملن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ حڪومت کي نٿو روڪي سگهجي، نوڪرين تي پابندي سان حڪومتي ادارن ۾ انتظامي معاملا متاثر ٿي رهيا آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بهتر انتظامي معاملن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ عمل ٿيڻ لازمي آهي.چيف سيڪريٽري درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته عدالت نوڪرين تي پابندي سان لاڳاپيل اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے