16 اتوار , دسمبر 2018

نوشهره ۾ 2 عورتن سميت 3 شاگردياڻيون درياهه ۾ ٻڏي فوت

نوشهره(ويب ڊيسڪ) ڪابل درياهه جي تفريحي ماڳ ڪنڊ پارڪ ۾ پڪنڪ ملهائيندي 2 عورتن سميت 3 شاگردياڻيون ٻڏي فوت ٿي ويون. تفصيل موجب اباسين يونيورسٽي پشاور جون شاگرديانيون نوشهري ۾ ڪابل درياهه جي ڪناري تفريحي مقام ڪنڊ پارڪ ۾ پڪنڪ ملهائي رهيون هيون ته هڪ شاگردياڻي جو پٿر تان پير ترڪي پيو، پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ان ٻي شاگردياڻي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڻس گڏ وڌيڪ ٻه شاگردياڻيون درياهه ۾ ڪري پيون.  واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو جو عملو واقعي واري هنڌ پهتو. جتي هنن ٻن شاگردياڻين جا لاش ڪڍيا جڏهن ته هڪ شاگردياڻي جي ڳولها جاري آهي. ريسڪيو موجب فوت ٿيلن عورتن جي سڃاڻپ نائلا ۽ نوري جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته گم ٿيلن جو نالو نور آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قوم انتها پسندي جو رستو روڪڻ لاءِ هر قرباني جو عزم ڪري: صدر عارف علوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي چيو آهي ته  قوم انتها پسندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے