16 اتوار , دسمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل آصفه جي وڪيل کي به قتل جون ڌمڪيون

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل ننڍڙي آصفه جي وڪيل خدشو ظاهر ڪيو آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو يا وري زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو. ننڍڙي آصفه جي وڪيل دپيڪا سنگهه راجاوت جو چوڻ آهي ته کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ان ڪري هو پنهنجي حفاظت جي لاءِ سپريم ڪورٽ ويندو. دپيڪا سنگهه راجاوت چيو ته مون خبر ناهي ته ڪيستائين زندهه رهندس، مون کي عصمت دري جو نشانو بڻايو ويندو ۽ مون کي نقصان رسايو ويندو. والاريل ڪشمير جي علائقي  ڪٿوا جي مندر ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل ٻارڙي جي والد اڄ سپريم ڪورٽ کان ڪيس جي ٻڌڻي چندي ڳڙهه منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سندس ڪٽنب کي خطرو آهي. آصفه جي والد جي درخواست تي ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي حڪوتم کي نوٽيس جاري ڪندي متاثر ڪٽنب کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي پبلڪ اسڪول جهڙي حملي جو خدشو، سڪيورٽي الرٽ جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل سڪيورٽي الرٽ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے