16 اتوار , دسمبر 2018

پنهنجي حد مان نڪرندڙ ادارو پنهنجو ۽ پاڪستان جو نقصان ڪندو آهي: اياز صادق

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڏسون ٿا ته عمران خان بجيٽ جي معاملي تي ڪڏهن ٿو يوٽرن وٺي؟ بجيٽ نه هوندي ته پگهارون ڪيئن ڏينداسين؟ پنهنجي حد مان نڪرندڙ ادارو پنهنجو ۽ پاڪستان جو نقصان ڪندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمران خان جو چوڻ آهي ته هو ڪي پي جي بجيٽ نه ڏيندو ۽ نه ئي وفاقي حڪومت کي بجيٽ ڏيندو. منهنجو هن کان سوال آهي ته جيڪيڏهن ڪي پي جي بجيٽ نه ڏيندو ته جون جولاءِ جون پگهارون ملازمن کي ڪٿان ڏينداسين، هاڻ ڏسون ٿا ته عمران خان ان معاملي تي يوٽرن ڪڏهن ٿو وٺي. سردار اياز صادق چيو ته تاريخ اهو ٻڌائندي ته جن ماڻهن غلط فيصلا ڪيا انهن جو بعد ۾ ڪهڙو حشر ٿيو، پنهنجي حدن مان نڪرندڙ ادارو پنهنجو ۽ پاڪستان جو به نقصان ڪندو آهي، اميد ڪندس ته هر ادارو پنهنجي حدن ۾ ته رهندي ڪم ڪندو. هن چيو ته  پاڪستان چئني پاسن کان اندرين ۽ ٻاهرين خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان جيڪڏهن اندر کان مضبوط نه هونداسين ته انهن خطرن جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيصلن تي تنقيد ڪرڻ اسان جو حق آهي اسان ڪنداسين پر ادارن تي تنقيد نه پهرين ڪڏهن ڪئي آهي نه اڳتي ڪڏهن ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتها پسندي ۽ دهشتگردي عوام جي بدترين دشمن آهي: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انتها پسندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے