17 پیر , دسمبر 2018

اجي ديوگن ڌيءُ جي بالي ووڊ ۾ انٽريءَ بابت خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن پنهنجي ڌيءُ نائسا جي فلمي دنيا ۾ اچڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي سينيئر اداڪار اجي ديوگن جي ڌيءُ نائسا بابت خبرون اچي رهيون هيون ته هوءَ پڻ ٻين اداڪارن جي ٻارن وانگر فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي پر اجي ديوگن اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءُ اڃا سنگاپور ۾ پڙهي رهي آهي ۽ في الحال هوءَ پنهنجي اسڪول لائف انجواءِ ڪري رهي آهي. اجي ديوگن چيو ته منهنجي ڌيءُ پنهنجي خواهشن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي رهندي آهي، هن فلم انڊسٽري ۾ اچڻ جي حوالي سان ڪنهن به مون سان ڳالهه ناهي ڪئي، في الحال نائسا جو فلمي دنيا ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shakira charged with $16 million tax evasion in Spain

مشهور گلوڪارا شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو الزام

ميڊرڊ ( شوبز نيوز  ) اسپين جي پراسيڪيوٽر مشهور ڳائڻي شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے