16 اتوار , دسمبر 2018

اسان جي اجتماعي آئيندي جو خاڪو

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

سڪندر اعظم کان وٺي ويندي ارغونن ۽ افغانين تائين، مغلن کان وٺي ويندي انگريزن تائين، انهن ڌارين سنڌ کي لُٽ جو مال ۽ مفت جو مال سمجهي لٽيو ۽ لتاڙيو، اسان ۽ اسان جي ڌرتي جهڙوڪ ڇٻر هجون: گهوڙي کاڌو، گڏهه کاڌو، پر وري ڦٽي اڀري پئون ٿا. سڪندر اعظم کي اسان جا وڏا سڏي وٺي ڪو نه آيا هئا، پر باقي ڌارين کي سنڌ، واسي اقتدار بکين پاڻ گهرايو ۽ پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ انهن اڳيان پڪاريو ۽ واهر ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيريو، پوءِ جنهن کي موقعو مليو، تنهن اسان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا، اسان جا شهر سڙيا، فصل تباهه ٿيا ۽ ماڻهن جون کلون لاٿيون ويون. سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا سورما  پنهنجيءَ  ئي ڌرتيءَ  تي ۽ پنهنجي ئي  اڱڻ تي ڪٺا ويا.

اقتدار ۽ مفاد خاطر ٻئي در واجهائڻ ۽ پنهنجن کان پري ٿيڻ اسان جي نفسيات بڻجي وئي آهي، ڏک جي ڳالهه اها آهي ته هر دور ۾ سنڌ سڀني کي پنهنجو ڪيو پر اڪثر دورن ۾ ماڻهن سنڌ کي پنهنجو نه ڪيو. اسان جي اڪثريت اڄ به ” ڌرتيءَ –ڄائي“ سڏائڻ ۾ عيب ڄاڻي ٿي ۽ ڪيترا ماڻهو اڄ به پاڻ کي آرين ۽ ڌارين جو  اولاد، عربن ۽ افغانين سان رت جو رشتو ثابت ڪرڻ  ۾ لڳا پيا آهن. اسان انهن ماڻهن ۽ قومن سان نسبتون رکڻ ۾ فخر محسوس ڪيون ٿا، جن سنڌ تي ڪاهون ڪيون، يا پناهه وٺڻ کانپوءِ قبضا ڪيا. انساني تاريخ ۾ به برابر اهڙا مثال ملن ٿا، پر سنڌ جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته هتي جيڪو به ٽانڊي لاءِ آيو، اهو بورچي بڻجي ويو، جنهن کي به چوڪيدار ۽ مدد گار بڻايوسين، اهو مالڪ بڻجي ويو.

اهي ريتون رسمون ۽ رواج اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهن، ان ڪري ڪنهن به دور ۾ اقتدار، ڌڻين اقتدار جي عشاقن ۽ وس وارن سنڌ جي روشن مستقبل جو خاڪو ئي ڪو نه چٽيو ۽ جنت نما هن سرزمين جي سونهن ۽ سندرتا جي ڳالهه ئي نه ڪئي جو اسان انهيءَ جي اهڙيءَ عظمت جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃون.

هائو، هر دور جي ڏاهن ۽ مفڪرن، انفرادي طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي سونهن ۽ روشن مستقبل جا خاڪا چٽيا، پوءِ ڪنهن پنهنجو سر قلم ڪرائي اهڙي ڳالهه ڪئي ته ڪنهن پنهنجي ڏات کي قلم بڻائي اها ڪهاڻي لکي. مخدوم بلاول کان وٺي ويندي دودي تائين، شاهه عنايت کان وٺي ويندي هوشوءَ تائين، هيمون ڪالاڻي کان وٺي ويندي سورهيه بادشاهه تائين پنهنجي سرن جون قربانيون سنڌ جي سندرتا ۽ روشن مستقبل لاءِ ڏنيون، مفڪرن مان شاهه لطيف گهڻن کان گوءِ کڻي ويو، هن عظيم ڏاهي فرد جي تعمير ۽ تربيت کان وٺي، قدرن ۽اصولن تائين منظم نموني سان سندر سنڌ ۽ ان جي روشن مستقبل جو خاڪو چٽيو. هن ڀلاري انسان سنڌي کي ” مثالي انسان“ بڻائڻ لاءِ عورت، ذات کي آدرش بڻايو ۽ ثابت ڪيو ته ماءُ جي گود ۽ جهوليءَ مان انسان کي ٻولي، قدرن ۽ نظرين جي سوغات ملي ٿي، جن عورتن کي اسان رڻ ۾ روليو، باهه ۾ سڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ درياهه ۾ لوڙهيو، انهن مظلوم عورتن جي ڪردار کي شاهه لطيف ۽ سندس جهڙن ٻين شاعرن امر ۽ مثالي بڻائي ڇڏيو.

شاهه لطيف مذهب کان وٺي سياست تائين، ثقافت کان و ٺي ويندي ماڻهپي تائين هر ڪو درس انهن جي واتان چورايو. ڪنهن ڳڻ ۾ کيس ” مثالي ماڻهو“ مشڪل سان ٿي مليو، ته اتي هن عظيم مفڪر جيتن، جڻين، وڻن ٽڻن، پکي پکڻ،  پورهئي  خواهه پورهيت جي ڳڻن ۽ چڱين ڳالهين کي اڀاري اجاگر ڪري، اسان کي ماڻهو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڄ اسان مان اهو ڪير آهي جو سنڌ جي انهن شهيدن مدبرن ۽ لطيف جهڙي عظيم مفڪر جي انسان  سازيءَ، قوم سازيءَ ۽ سنڌ جي روشن مستقبل جي خاڪي چٽڻ واري تحريڪ کي اڳتي هلائي؟

سنڌ ۽ سنڌ واسيءَ جي صدين کان وٺي صورتحال ساڳي رهي آهي، وس وارن جي سوچڻ جا انداز اهي ئي آهن ۽ بي وس عوام جي سورن جا مذڪور ساڳيا ئي اهي اهڙا رهيا آهن، انهن ۾ بهتري ته نه، بلڪه ابتري ئي آئي آهي.

سنڌ واسيءَ کي وڏي منظم سازش سان پيغام فهمي کان پري ڪري، قبر، پرستيءَ طرف ڌڪيو ويو آهي، ان ڪري شاهه سچل ۽ سامي ڇا چيو؟ ۽ سنڌ جي سورمن سرڇو ڏنا؟ انهن ڳالهين تي اسان جو ڌيان ڪو نه ٿو وڃي ۽ بس اسان انهن جي قبرن تي پڙ وجهڻ ۽ مقبرن کي سينگارڻ ۾  پنهنجي نظرياتي پختگيءَ جو بنيادي شرط بڻائي ويٺا آهيون. اسان کي هن خفي سان لڳائي ڪي شاهينگ ڌارين جا درکڙڪائڻ ته ڪي مطلب پرست پنهنجن جي پير ڪڍڻ واريءَ ڪرت ۾ مصروف ٿي ويا آهن، وس وارن ۽ بي وس ماڻهن جي اها ذهنيت صدين کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ساڳي رهي آهي، ان ڪري اجتماعي روشن آئيندي جو خاڪو ڪنهن جي سوچ ۾ ئي نه ٿو اچي.  جڏهن ته  حالتن هر موڙ تي اسان کي اهڙا هزارين موقعا ڏنا آهن ته اسان ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي اجتماعي روشن مستقبل لاءِ سوچي وٺون پر هر موقعي کي پاڻ هٿان  وڃايو اٿئون.

ڏٺو  وائٺو چونڊن ۾ باقي ڏينهن وڃي رهيا آهن، هر ڪا پارٽي ۽ هر ڪنهن پارٽيءَ قيادت پاڻ کي سچو ۽ ٻئي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اقتدار جي حصول وار ي ويڙهاند ۾ اسان اڳيان صاف صاف ظاهر ٿي پيوآهي ته ”جت، پنهونءَ  جا ڀائر آهن“ انهن مان لڳ ڀڳ سمورا ئي سمورا فرشتا ڪو نه آهن پر سندن اندر وارو آدمي وڏو ڀيانڪ، مفاد پرست ۽ استحصال پسند ئي آهي، پر پوءِ به اسان سندرو ٻڌي بيٺا آهيون پر انهن مان ئي ڪنهن کي اڳواڻ چونڊينداسين، مطلب ته مرڻو ضرور آهي پر فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته ڦاهو کائي مربو يا پاڻ کي گولي هڻي مربو.

ماڻهن جون وايون بتال ٿي ويون آهن ۽ کين جهڙوڪ ٻي واهه ئي نه ٿي  ملي ۽ هر دفعي آزمايلن کي پيا آزمائيندا، اسان اهڙا ته گونگا وائڙا ٿي وياهيون جو حالتن مٽائڻ بدران ساڳي ئي کيپ مان منڊيءَ مٽ ڪرڻ تي مطئمن ٿي ويٺا آهيون، اسان جي زبانن ۽ ذهنن تي  ڪي سوال ئي ڪو نه ٿا اڀرن ته پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کان پڇون ته سنڌ ۽ سنڌ واسيءَ جي روشن مستبقل لاءِ هنن وٽ ڪهڙو منشور آهي ۽ ڪهڙو خاڪو آهي. ؟ ڇا اسان جي ذهنن ۾ به ڪو اهڙو خاڪو آهي، جنهن کي ڪسوٽي بڻائي ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ   جو فيصلو ڪريون؟  انهيءَ  خاڪي چٽڻ ۾ اسان جا عالم ۽ اديب سماجي ڪارڪن ۽ سيبتا مدد ڇو نه  ٿا ڪن……؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے