17 پیر , دسمبر 2018

سکر ۾ کيسو ڪٽڻ الزام ۾ عورتون تذليل بعد لاڪ اپ حوالي، 3 اهلڪار ڪوارٽر گارڊ

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) شاليمار روڊ ويجهو سرڪاري اسپتال ۾ کيسو ڪٽڻ جي شڪ ۾ مرد پوليس اهلڪارن جي عورتن جي سرعام تذليل،پوليس اهلڪارن شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل عورتن کي زبردستي کڻي رڪشا ۾ اڇلائڻ بعد هڪ اهلڪار عورت جي مٿان ٽنگون رکي ويهي رهيو، 2 ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ طرفان پوليس وارن کي عورتن بابت ڏنل ليڪچر جو اثر نه ٿيو، واقعي جو صوبائي گهرو کاتي جي وزير ۽ ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد تذليل ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو، خبر موجب شاليمار روڊ جي ويجهو سرڪاري مصطفائي اسپتال ۾ کيسو ڪٽڻ جي شڪ جي بنياد تي ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو، سي سيڪشن پوليس جي وڏي منشي خادم هڪڙي، اي ايس آءِ اشرف ڦلپوٽي ۽ اهلڪار الله ڏنو طرفان گرفتار ڪيل عورتن کي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ لاءِ زبردستي رڪشا ۾ ويهارڻ لاءِ ٻانهن کان ڇڪي رڪشا ۾ اڇلائڻ بعد هڪ اهلڪار عورت جي مٿان ٽنگون رکي ويهي رهيو ۽ ٻنهي گرفتار ڪيل عورتن جي اهلڪار تذليل ڪندي زبردستي ٿاڻي تي وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو، سي سيڪشن پوليس اهلڪارن طرفان گرفتار ٿيل عورتن جي تذليل ڪرڻ تي صوبائي گهرو کاتي جي وزير سهيل انور سيال ۽ ايس ايس پي سکر امجد شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي ٽنهي اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرو کاتي جي وزير ايس ايس پي سکر کي واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪري مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، واضع رهي ته 2 ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه طرفان سکر ۾ ڊويزنل ڪمپلينٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب دوران عورتن جي حقن تي ليڪچر ڏنو هو، جنهن ۾ عورتن جي عزت ڪرڻ جو درس ڏنو، پر سکر پوليس کي آءِ جي سنڌ جي ڏنل ليڪچر جو اثر نه ٿيو ۽ پوليس اهلڪار گرفتار ڪيل عورتن کي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ لاءِ ليڊي پوليس اهلڪارن کي طلب ڪرڻ بدران پاڻ عورتن جي ٻانهن کان پڪڙي رڪشي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ عورتن طرفان مزاحمت ڪرڻ جي باوجود پوليس اهلڪارن انهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اهلڪار عورتن کي رڪشي ۾ ويهارڻ بعد عورتن مٿان ٽنگون رکي انهن جي تذليل ڪندا رهيا، ان موقعي تي عوام تماشو ڏسندو رهيو، جڏهن ته گرفتار ڪيل عورت ٻڌايو ته اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور تان دوائون خريد ڪري رهي هئس ته مون تي کيسو ڪٽڻ جو ڪوڙو الزام مڙهي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے