18 جمعرات , اکتوبر 2018

گورنر جا اعتراض ٻيهر رد، سنڌ يونيورسٽين جا بل وري پاس، مخالف ڌر جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي گورنر  جي اعتراضن کي رد ڪندي سندس پاران بلن ۾ گورنر جو لفظ نه هجڻ تي واپس موڪليل ٽن يونيورسٽين جا بل  ٻيهر پاس ڪري ڇڏيا، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد بل 2018 ۾ 23 ترميمون، سرڪاري ۽ مخالف ڌر ۾ ترميمن تي بحث، مخالف ڌر جو احتجاج، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ 20 منٽ دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، سينيئر وزير نثار کهڙي گورنر پاران اعتراض لڳائي واپس ڪيل ٽي بل پيش ڪيا،  سينيئر وزير نثار کهڙي بل تي ڳالهائيندي چيو ته گورنر يونيورسٽي بل ۾ گورنر جو نالو نه هجڻ تي اعتراض لڳائي بل واپس موڪليو آهي، پر خانگي يونيورسٽي ۾ چانسلر جي جاءِ تي پيٽرن هوندو آهي، هن چيو ته  وڏي وزير وٽ اختيار هوندا ته ان کان يونيورسٽين جي معاملن تي ايوان ۾ پڇاڻو ڪري سگهنداسين، پر گورنر کان نٿا پڇي سگهون، بل پاس ڪري گورنر کي موڪلينداسين صحيح ڪيائين ته ٺيڪ نه ته 10 ڏينهن بعد بل قانون جو حصو بڻجي ويندو، مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته تعليم کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، ان سان ادارا به سياست جي ور چڙهي ويندا ۽ ان جا ايندڙ وقت ۾ اثر پوندا، ان باجود به بل جي حمايت ڪيون ٿا، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته يونيورسٽين ۾ بهتري آڻيون پيا، ان ڪري بل جي مخالفت ڪرڻ بدران سپورٽ ڪئي وڃي، ان بعد بل يڪراءِ طور تي پاس ڪيو ويو، ان کانپوءِ يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊي محمد خان بل 2017 تي به گورنر جي ساڳئي اعتراض کي رد ڪري بل کي پاس ڪيو ويو، جڏهن ته سينيئر وزير نثار کهڙي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد بل 2018 ٻيهر پيش ڪيو ۽ چيو ته ان بل تي غور ڪري ان ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين وڏين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي، ان تي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته يونيورسٽي جي حمايت ڪيون ٿا، حيدرآباد کي هڪ کان وڌيڪ يونيورسٽين جي ضرورت آهي، پ پ جي ميمبر هير سوهو چيو ته سڀني يونيورسٽي ۾ يونيورسل پاليسي هجڻ گهرجي، ميرٽ کي نظر ۾ رکي نوڪريون ۽ داخلائون ڏنيون وڃن، شهري ۽ ٻهراڙين جي شاگردن کي هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، ان بعد سينيئر وزير بل ۾ 23 ترميمون پيش ڪيون، جنهن ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان کي به نمائندگي ڏيڻ، گورنر جي جاءِ تي چيف منسٽر، داخلا پاليسي ۾ حڪومت جي گائيڊ لائين، منسٽر لفظ جي جاءِ تي ڪابينا، ۽ ٻيون ترميمون شامل آهن، ان دوران مخالف ڌر بل جي ڊرافٽن ۾ غلطين جي نشاندهي ڪئي، ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر ارم عظيم فاروقي جسٽس اعجازالحسن جي گهر تي فائرنگ خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ٺهراءَ ۾ جسٽس اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ جي مذمت ڪئي وئي آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي زون ۾ فائرنگ خاميون ظاهر ڪيون. جسٽس اعجازالحسن جي گهر تي حملو عوام کي انصاف مهيار ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي سازش آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آزادي عدليه جي حمايت جاري رکنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے