17 بدھ , اکتوبر 2018

ماڻهن ۾ غيرت هجي ته عورتن کي ڍال طور نه آڻين: جسٽس ثاقب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس جي حڪم تي پيمرا جي چيئرمين جي چونڊ ڪندڙ ڪميٽي مان سڌُ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب کي ڪڍي ڇڏيو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل راڻا وقار ٻڌايو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي نگران اداري پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري  اٿارٽي پيمرا جي چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزير اعظم جي منظوري سان ڪميشن جوڙي وئي جنهن ۾ نمايان صحافي ۽ پي بي اي جي چيئرمين کي شامل ڪيو ويو آهي، ڪميٽي پيمرا جي چيئرمين جي لاءِ 3 ميمبرن جي پينل جي چونڊ ڪندي. عدالت پيمرا جي چيئرمين جي چونڊ جي سرچ ڪميٽي کي تبديل ڪندي سڌُ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب کي ڪميٽي مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ سندس جاءِ تي ڪميٽي جي سڌُ واري سيڪريٽري کي شامل ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته مريم اورنگزيب بيان ڏيڻ ۾ مصروف هوندي، ان ڪري ڪميٽي جي لاءِ وقت ڪڍڻ ممڪن ناهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڪنهن شينهن کي نٿو سڃاڻا اصل شينهن منهنجا جج آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذريل ٻڌڻي ۾ ڀارتي ريلوي واري وزير لالو پرشاد جو نالو ورتو، منهنجي ڄاڻ غلط هئي، لالو پرشاد لا گريجويٽ آهي، منهنجي ان ڳالهه تي طلعت حسين آسمان مٿي تي کنيو، ڇا اِها ميڊيا جي ذميواري آهي، ڪنهن فيصل رضا عابدي جو انٽرويو ڏٺو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن شينهن کي نٿو سڃاڻا، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي ججن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اصل شينهن هي آهن. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته عدالت جو ايترو احترام ضرور ڪيو جيترو ڪنهن وڏي جو ڪرڻ گهرجي، ڪنهن کي تذليل قبول ناهي، نااهلي ڪيس تي فيصلي کان پوءِ ئي نعرا لڳا، عدليه جي ٻاهران مرده باد جا نعرا لڳا، اڃان صبر سان ڪم وٺي رهيا آهيون، ماڻهو عورتن کي ڍال جيان سامهون آڻيندا آهن، غيرت هجي ها ته پاڻ سامهون ٿين ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے