16 اتوار , دسمبر 2018

طيبه تي تشدد واري ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گهريلو ملازمه طيبه تي تشدد واري ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو ۽ فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس عامر فاروق ٻڌائيندو .عدالت جوابدار خرم علي خان ۽ سندس گهرواري ماهين ظفر کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت 27 مارچ تي سمورا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو .گهر ۾ پورهيو ڪندڙ معصوم طيبه تي تشدد جو واقعو 27 ڊسمبر 2016 تي پيش آيو هو ۽ پوليس 29 ڊسمبر تي اڳوڻي ايڊيشنل جج راجا خرم جي گهر مان طيبه کي قبضي ۾ ورتو هو .تشدد جي واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن جي خلاف آءِ نائن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جڏهن ته 3 جنوري 2017تي طيبه جي والدين راجا خرم ۽ سندس گهرواري کي معاف ڪري ڇڏيو ، پر بعد راضي نامو سامهون اچڻ تي چيف جسٽس ثاقب نثار معاملي جو پاڻ مرادو نوٽس ورتو هو .سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوليس 8 جنوري 2017 تي طيبه کي آزاد ڪرائي پيش ڪيو هو .جڏهن ته عدالتي حڪم تي 12 جنوري 2017 تي راجا خرم علي خان کي جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هو .جنهن بعد چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جو ٽرائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اماڻيو هو جتي 16 مئي 2017 تي جوابدار مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو .هن ڪيس ۾ مجموعي طور تي 19 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا هئا جن مان 11 سرڪاري جڏهن ته طيبه جي والدين سميت 8 غير سرڪاري ماڻهون شامل هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قوم متحد آهي، دشمن ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو: پاڪ فوج جي ترجمان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے