17 پیر , دسمبر 2018

واٽر بورڊ ايم ڊي کي ڇنڊ، ويندي ويندي 200 ماڻهو فارغ ڪري ويندس: جسٽس امير هاني

ڪراچي(رپورٽر) واٽر ڪميشن جي سربراهه شهر ۾ پاڻي جي بحران تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايم ڊي واٽر بورڊ کي ڇنڊ پٽي.جڏهن ته ڪراچي جي مڪاني کاتي سان صلاح مشوري جي هدايت ڪئي آهي .سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف  پاڻي ۽ نيڪالي لاءِ جوڙيل  واٽر ڪميشن ٻڌڻي سربراهه رٽائرڊ جسٽس اميرهاني مسلم جي سربراهي هيٺ ٿيو .جنهن ۾ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري،ڪراچي جي مئير ،ايم ڊي واٽر بورڊ ،ڊي ايم ڊي واسا۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا . ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم وارٽر بورڊ جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو ڇا ٿي رهيو آهي ڪراچي ۾؟ پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ ايم ڊي وارٽر بورڊ کي گهرايو، هو ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن ايم ڊي واٽر بورڊ مصروف آهي ته ٻيا آفيسر ڪٿي آهن؟ واٽر ڪميشن ايم ڊي واٽر بورڊ خالد شيخ کي فوري طلب ڪيو جنهن تي هو ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو. ڪميشن ايم ڊي سان مڪالمو ڪو ته توهان اخبار پڙهندا آهيو؟ توهان کي گاريون ڏنيون پيون وڃن، توهان کي خبر آهي؟ هائيڊرنٽ جي پاڙي ۾ به پاڻي نه پيو ملي، ماڻهو فجر کان قطار لڳائيندا آهن پر پاڻي ناهي ملي رهيو. ڪميشن جي سوال تي ايم ڊي چيو ته اهي شڪر ادا ڪن جن کي پاڻي ملي رهيو آهي، ان تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته توهان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو ماڻهن کي پاڻي ڏيڻ توهان جي ذميواري آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ ٻڌايو ته هاڻ فون ۽ ايس ايم ايس سروس سان به ٽينڪر موڪليندا آهيو. واٽر ڪميشن سوال ڪيو ته گهرن جي نلڪي ۾ پاڻي ڇو ناهي اچي رهيو؟ توهان ترسيل ۽ ورڇ وارو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري به مسئلا آهن بجلي گهٽ ملي رهي آهي، واٽر ڪميشن چيو ته توهان کي گاريون پيون ڏنيون وڃن ڪجهه خيال ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي مان گند کڻندڙ چيني ڪمپني جي ادائيگي روڪڻ بابت به ٻڌڻي ٿي. ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري ڪميشن کي ٻڌايو ته چيني ڪمپني جو جنوري ۽ فيبروري وارو بل به باقي آهي. ڪميشن چيو ته اسان اڳوڻا بل روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو رڳو اڳتي لاءِ اهو حڪم هو، جيڪا  تڪراري رقم آهي اُها تصديقي کان پوءِ ادا ڪيو. ٽاسڪ فورس جي ميمبر آصف شاهه ڪميشن کي ٻڌايو ته ملازمن جو انگ گهٽ هئڻ سبب به جاءِ جاءِ تي گند نظر اچي رهيو آهي. ان تي ڪميشن ايم ڊي چيني ڪمپني کي چيو ته هڪ سال ۾ چيني ڪمپني ملازمن جو انگ مڪمل ناهي ڪيو، اها تباهي ان ڪري ٿي رهي آهي جو توهان وٽ ملازم گهٽ آهن، هتي ويهي چين مان نيون شيون گهرائي رهيا آهيو پهرين توهان پنهنجا ملازم پورا ڪيو.جسٽس امير هاني  چيو مان هليو وينداسين پر 200 ماڻهن کي ڪڍي وينداسين .ڪراچي جي ميئر ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو .ڪميشن ڪراچي جي ميئر کي چيو ته اوهان واعدو ڪيو ته فاطما جناح پل روڊ جلدي تيار ٿي ويندو پر اڄ تائين تيار نه ٿيو آهي ،ڪراچي جي ميئر چيو ته روڊ ٺاهڻ سان سيوريج جون لائنون متاثر ٿي رهيون آهن .ڪميشن چيو ته اوهان اسان کي هڪ وقت ڏيو ته ان ٽائم تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو .0329

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے