17 پیر , دسمبر 2018

ملڪ ۾ 868 ماڻهو کنڀي گم، صحت سهولتون اڻلڀ، هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر

اسلام آباد (رپورٽ: حفيظ چنا) سموري ملڪ ۾ جبري گمشدگي جا 868 ڪيس سامهون آيا، جنهن مان 555 ڪيس اڪلايا ويا، سنڌ جي جيلن ۾ 19 هزار 84 قيدي هئا، جڏهن ته گنجائش 12 هزار 613 قيدين جي هئي، پاڪستاني پاسپورٽ دنيا  ۾ سفر جي حوالي سان ٻيو نمبر ناپسنديده ترين پاسپورٽ رهيو، هيپاٽائيٽس جي ڦهلجڻ ۾ پاڪستان سموري دنيا ۾ ٻئي نمبر تي رهيو، اهڙو اظهار پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن سالانه رپورٽ 2017 ع ۾ ڪيو آهي.رپورٽ مطابق گذريل سال انساني حقن جي متعلق سموري ملڪ جي عدالتن ۾ 3 لک 33 هزار 103 ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿيون، 2017 جي پهرين 10 مهينن ۾ عورتن خلاف ڏوهن جا 5 هزار 660 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، 2017 جي آدمشماري ۾ پهريون ڀيرو کدڙن ۾ ٽرانس جينڊر جي ڪيٽيگري شامل ڪئي وئي، انڪوائري ڪميٽي کي جبري گمشدگي جا 868 ڪيس وصول ٿيا، جنهن مان 555 ڪيس اڪلايا ويا، 2017 ۾ 63 ڏوهارين کي ڦاسي ڏني وئي، حڪومت پاڪستان ٽرانس جينڊر ڪيٽيگري تحت پاسپورٽ جاري ڪيو، 2017 ۾ مڇريل هجوم جي حملن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته دهشتگردي جي حملن ۾ مارجي ويلن ۾ گهٽتائي آئي، نومبر 2017 تائين پاڪستاني جيلن 82 هزار 591 قيدي هئا، پنجاب جي جيلن ۾ 50 هزار 289 قيدي هئا، جڏهن ته گنجائش 32 هزار 235 قيدين جي هئي، سنڌ جي جيلن ۾ 19 هزار 84 قيدي هئا، جڏهن ته گنجائش 12 هزار 613 قيدين جي هئي، جيلن ۾ عورت قيدين جو ڪل تعداد 1442 رهيو، خيبر پختون خواه جي جيلن ۾ 10 هزار  811 قيدي هئا، جڏهن ته گنجائش 8 هزار 395 قيدين جي هئي، هيپاٽائيٽس جي ڦهلجڻ ۾ پاڪستان سموري دنيا ۾ ٻئي نمبر تي رهيو، پاڪستان ۾ ٿيلي سيميا ۽ ايڊز جي ڦهلجڻ ۾ اضافو رهيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صحت جي عالمي اداري مطابق سموري دنيا ۾ پاڪستان ٽي بي جي شرح ۾ سرفهرست رهيو، 56 لک ٻار پرائمري اسڪولن ۽ 55 لک ٻار سيڪنڊري اسڪولن کان ٻاهر آهن، دنيا ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو، پاڪستان پوليو جي خاتمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيو، رپورٽ مطابق 2017 ۾ عورتن تي تشدد رپورٽ ٿيندڙ واقعن ۾ ڪافي اضافو ٿيو، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 20 لک عورتن جا ووٽ داخل نه ٿي سگهيا، امن امان جي صورتحال جي باري ۾ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قلم  144 جو  بنا سبب استعمال ڪيو ويو، تنهن هوندي ڌرڻن ۽ ريلين کي منهن ڏيڻ، هجوم ڪنٽرول ڪرڻ بابت حڪمت عملي جو فقدان رهيو.  2017 ع ۾ انساني حقن جي صورتحال جي عنوان سان جاري ڪيل رپورت کي ناليواري قانون دان عاصمه جهانگير سان سلهاڙيو ويو آهي، رپورٽ موجب گذريل سال دهشتگردي جي نتيجي ۾ واقعن ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. پرامن احتجاج جي حق کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قلم 144 جو اجايو استعمال ڪيو ويو. رپورٽ موجب صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ 2017ع ۾ به صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي. ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 55 لک بالغ شگر جي مرض ۾ متبلا آهن.  هيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ موجب پاڪستان سڄي دنيا ۾ پاڻي جي استعمال ۾ چوٿين نمبر تي رهيو، پر رڳو 36 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ حاصل آهي. 2025ع تائين پاڻي جي مڪمل خاتمي جي خطري جي باوجود پاليسي سازي ۽ گڏيل منصوبابندي ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ هوائي گدلاڻ جي شرح عالمي صحت واري اداري جي طئي ڪيل حدن کان 4 سيڪڙو وڌيڪ رهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ترسيل افغان پناهه گيرن جو انگ 25 لک آهي جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ افغاني هتي آباد آهن.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے