17 پیر , دسمبر 2018

نواز شريف، مريم ۽ وزيراعظم جي عدليه مخالف تقريرن تي بندش، پيمرا سخت نگراني ڪري:لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي عدليه مخالف تقريرن تي بندش هڻي ڇڏي. پئمرا کي سخت نگرفاني ڪندي 15ڏينهن ۾ فيلصو ڏيڻ جو حڪم ڏنو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت  16 ليگي اڳواڻن جي خلاف توهين عدالت جون 24 کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڄاڻايل شخصيتون پاناما ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ عدليه مخالف تقريرون ڪري رهيون آهن ۽ ججن کي سڌو سنئون نشانو بڻايو پيو وڃي، اِهي تقريرون نشر ڪيون پيون وڃن جيڪا توهين عدالت آهي. درخواستگذارن انهن تقريرن جي بنياد تي نواز شريف سميت ٻين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي اپيل ڪئي هئي جڏهن ته درخواست ۾ اها به اپيل ڪئي وئي هئي ته پيمرا کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي تي ٻڌل ٽي رڪني فل بينچ انهن درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ پيمرا کي 15 ڏينهن ۾ انهن درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پيمرا 15 ڏينهن ۾ پاڻ فيصلو ڪري ته انهن کي تقريرون نشر ڪرڻيون آهن يا نه، جڏهن ته ان امر کي به يقيني بڻايو ته 15 ڏينهن دوران توهين عدالت تي ٻڌل ڪو مواد ٽي وي چينلن تي نشر نه ٿئي. عدالت پيمرا کي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ نواز شريف مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جي عدليه مخالف تقرير نشر ڪرڻ تي عبوري پابندي به لڳائي ڇڏي.عدالت ۾ نواز شريف جي وڪيل اي ڪي ڏوگر جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي اعتراض ڪيو. جيڪو رد ڪيو ويو. جسٽس عاطر محمود چيو ته اوهان اڃا ڌر ناهيو بڻيا. عدليه اوهان جي اشاري تي نه هلندي. جنهن تي اي ڪي ڏوگر چيو ته عدليه آئين تي عمل ڪندي آهي. پئمرا جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته پئمرا وٽ سڌي تقرير ۾ ايڊيٽنگ جي صلاحيت ناهي. پئمرا جي وتي چيئرمين چيو ته 10 کان 20 سيڪنڊ جي گنجائش آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے