17 بدھ , اکتوبر 2018

سامونڊي وير چڙهي آئي، جاتي شهر کي خطرو، روز 20 فوٽ زمين تي چاڙهه

جاتي ( رپورٽر ) جاتي ڀرسان سامونڊي ويرون تيزي سان زمين ڳڙڪائڻ لڳيون، مختلف ڍورن نئون رُخ اختيار ڪري ورتو، 70 هزار ايڪڙ زمين کي ڳڙڪائيندڙ جتن ۽ ڪڍڻ وارو ڍورو نئون رُخ اختيار ڪرڻ سبب زمينون سُڪي تباهه ٿي ويون،سامونڊي ڪناري واري زمينن ۾ آهستي آهستي کاڌ به وڌڻ لڳي، ڍورن جو نئون اختيار ڪيل رُخ جاتيءَ شهر ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو، روزانو جي بنياد تي آلڙ جو پاڻي جاتي کان 3 ڪلوميٽر تي موجود درگاه اسماعيل شاه بُخاري ۽ ڳوٺ هاشم ڪاتيار تائين پهتو. ماڻهو پريشان آهن. رپورٽ موجب جاتي تعلقي جي هڪ اندازي مُطابق 70 هزار ايڪڙ ڪلراٺي زمين کي ڳڙڪائيندڙ سامونڊي کاڌ  هڪ دفعو ٻيهر جتن واري ڍوري ۽ ڪڍڻ واري ڍوري هڪ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي،  1990 ع ۾ سمنڊ جاتي شهر کان 38 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هو انهيءَ جو رُخ ڪلڪا ڇاڻي ۽ نانگڻ ڍوري طرف هو بچاءُ بند اچڻ سبب سامونڊي کاڌ ۾ ڪافي عرصي تائين رُڪاوٽ آئي، 18 سالن ۾ صرف 18 ڪلوميٽر سمنڊ وڌي سگھيو، 2010 ع ۾ مُلڪ ۾ تباهي مچائيندڙ مها ٻوڏ جي وهڪري پُراڻي سير سنڊو بندر کان  ڪراس ڪيو انهيءَ وهڪري سامونڊي کاڌ کي ٻن ڍورن جتن وارو ڊورو ۽ ڪڍڻ واري ڊوري هڪ نئين رستي کي جنم ڏنو آهي، آهستي آهستي اها کاڌ 2017 ع جي جون ۽ جولاءِ ۾ تيزي اختيار ڪئي ديهھ چالڪو هڪ ۽ ٻه کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هاڻي نئين ۽ خطرناڪ رُخ پُراڻي سير کان جاتيءَ طرف تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي، اهو روزنو جي بنياد تي 20 فوٽ جي کاڌ ڪري زرخيز زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي، جنهن سبب پُراڻي سير کي صرف هڪ ڪلو ميٽر اچي ڇڏيو آهي، جاتي شهر کان 3 ڪلوميٽر تي درگاھ اسمعيل شاه بُخاري ۽ ڳوٺ هاشم ڪاتيار تائين پهچندو. انهيءَ بابت سامونڊيءَ پٽيءَ تي رهندڙ ڳوٺاڻي عاجز علي محمد ۽ نثار احمد ٿهيم ٻُڌايو ته جيڪڏهن ڳوٺ حاجي ڏنگر جت کان درگاھ پاريئپو فقير تائين بچاءَ بند ڏنو ويو ته کاڌ کي ڪافي حد تائين روڪي سگھجي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته سامونڊيءَ پٽيءَ ۾ مٺي پاڻي جي شديد کوٽ سبب سامونڊي کاڌ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان ڪافي وڏي نقصان جو انديشو ۽ هزارين ايڪڙن تي مُشتمل سوين ڳوٺن کي لڏ پلاڻ جو مُنهن ڏسڻو پئي سگھجي ٿو جنهن لاءِ حڪومت کي فوري طور بچاءَ بند جا اُپاءَ ورتا وڃن. 0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے