17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: واھي پانڌي: پرائمري اسڪول جي شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورھائڻ واري تقريب

*واھي پانڌي  گورنمينٽ پرائمري اسڪول پيربخش لاشاري جي شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورھائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي.

 شاگردن ۾ مفت  درسي ڪتاب ورھائڻ واري تقريب ۾ ڪاڇي جي جھوني سياسي ورڪر ، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ قاضي عبدالحق لاشاري، اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چئرمين عبدالڪريم لاشاري پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن   آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو  تھ  سرڪار پاران نئين سال جا مفت ڪتاب ورھايا ويا آھن مفت درسي ڪتاب  ورھائڻ واري تقريب ڪوٺائڻ جو مقصد شاگردن ۾ تعليمي شوق پيدا ڪرڻ آھي.

قاضي عبدالحق لاشاري چيو تھ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بھتر ٿي آھي، حڪومت طرفان انٽر تائين تعليم مفت ڪرڻ بھتر عمل آھي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے