18 جمعرات , اکتوبر 2018

سويڊن ۾ دنيا جو پهرين برقي روڊ تيار

اسٽاڪ(ويب ڊيسڪ) سويڊن ۾ ماهرن دنيا جي پهرين”اليڪٽرڪ روڊ  تيار ڪيو آهي. جنهن ۾ صرف ڪيبل جي مدد سان عام گاڏيون کي اليڪٽرڪ ڪار ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته بجلي سان هلڻ واري گاڏين جي بيٽريون کي به چارج ڪري سگهجي ٿو، عالمي ايجنسي موجب سويڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم ۾ 2 ڪلو ميٽر طويل اليڪٽرڪ روڊ کي آزمائشي بنيادن تي کوليو ويو آهي. اليڪٽرڪ روڊ ايئرپورٽ  جي ويجهو ٺاهيو ويو آهي، روڊ تي گاڏي هلائڻ لاءِ ان کي اليڪٽرڪ ڪيبل سان ڳنڊيو ڪيو ويندو جڏهن ته ڪيبل کي  روڊ تي لڳل اليڪٽرڪ سسٽم سان جوڙو ويندو جنهن کان پوءِ هڪ عام گاڏي مڪمل طور تي اليڪٽرڪ ڪار ۾ تبديل ٿي ويندي. سويڊن ۾ 2030 تائين فيول کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ تيل جي استعمال مان 70 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ لاءِ تواناني جاي ٻئي ذريعن تي ڪم جاري آهي. منصوبي جي تحت اليڪٽرڪ روڊ جي تعمير جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪا روڊ تان گذرڻ واري گاڏين جي بيٽرين کي به چارج ڪري سگهندو ۽ گاڏين جي رواني لاءِ  تيل جي جاءِ تي برقي توانائي کي استعمال ڪيو ويندو. ماهرن ايندڙ ڪجهه سالن دوران هي منصوبو ٻين شهرن تائين پکرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ سويڊن حڪومت عظيم شاندار قومي منصوبو تيار ڪيو آهي .جنهن جو ڪامياب تجربو اسٽاڪ هو ۾ ڪيو ويو آهي سويڊن حڪومت هن منصوبي جي ڪاميابي سان تيل جي بحران تي متبادل ذريعن جي ذريعي قابو ڪرڻ لاءِ پر اميد آهي. هن شاندار منصوبي تي ڪم ڪرڻ واري آفيسرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قومي شاهرائن کي 20 هزار ڪلو ميٽر تائين برقي روڊ ۾ تبديل ڪيو ويو ته اسان توانائي جي بحران مان نڪري سگهنداسين ڇو ته سويڊن ۾ هڪ هاءِ وي  کان ٻئي هاءِ وي وچ ۾ فاصلو 45 ڪلو ميٽر آهي ۽ هي فاصلو اليڪٽرڪ ڪار بنا چارج جي طئي ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے