17 بدھ , اکتوبر 2018

جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نواز شريف جي حق ۾ ايندڙ ثبوت شامل ناهن:دانيال عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مملڪتي وزير دانيال عزير چيو آهي ته اڄ ٻڌڻي دوران واجد ضياءِ جي بيان مان واليم 10 جي سچ واضح ٿي ويو ، خبر پئجي وئي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ عدالت کي گمراهه ڪرڻ لاءِ  ٺاهي وئي.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته رپورٽ ۾ نواز شريف جي حق ايندڙ ثبوتن کي شامل ئي ناهي ڪيوويو.هن چيو ته جوابي اي ميل  نواز شريف جي صفائي ۾ استعمال ٿي سگهي پئي پر جوابي اي ميل کي رڪارڊ جو حصو نه بڻايو ويو .هن چيو ته جي آءِ ٽي اهو مڃيو ته اهم ريڪارڊ رپورٽ ۾ شامل ناهن، هن چيو ته قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هڪ وزير اعظم سان هن ملڪ ڇا ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار نواز شريف کي هي ڏينهن ڏيکاريا، هاڻ اسد عمر عمران خان کي مارائيندو: نبيل گبول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت اڳ آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے