16 جمعہ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل: احتجاج ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 12 زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) منگهو پير قتل ڪيل 7 سالن جي رابعه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ زيادتي ثابت ٿي وئي جڏهن ته تشدد ۽ مطاهرن دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. ذريعن موجب شهيد عباسي اسپتال ۾ ليڊي ايم ايل او ٻاڙي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو جنهن ان سان زيادتي جو تصديق ڪئي وئي آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارڙي کي نه صرف زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي پر ان تي تشدد به ڪيو ويو آهي ، ٻارڙي جي ٽنگن ۽ ناخونن تي ب تشدد جا نشان هئا. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو يوو ويو آهي ته ٻارڙي کي ڳلي ۾ ڦاهو وجهي ماريو ويو آهي، ان جي زخمن جين نوعيت مان خبر پوي ٿي جڏهن ٻارڙي جي لاش کي اسپتال آندو ويو ته هن جي موت کي 8 کان 10 ڪلاڪ چڪا هئا.پوليس موجب نينگري اورنگي ٽائون بلوچ محلي جي رهائشي آهي. جيڪا آچر ڏينهن گهر کان راند کيڏڻ لاءِ نڪتي هئي ۽ ان بعد گم ٿي وئي.پوليس موجب نينگري جي والد اورنگي ٽائون ٿاڻي ۾ گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرايو هو .گذريل رات ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش منگهي پير ۾ گند جي ڍير تان هٿ آيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے